Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

سيپارو 30 سُورَة البَلَد جي آيت نمبر 1 ۽ 2 ۾ اِرشادِ باري آهي:

لَاۤ اُقْسِمُ بِهٰذَا الْبَلَدِۙ(۱)وَ اَنْتَ حِلٌّۢ بِهٰذَا الْبَلَدِۙ(۲)

ترجموڪنزالايمان؛ مون کي هن شهر جو قسم، جو اي محبوب تون هن شهر ۾ تشريف فرما  آهين.

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!مُفَسِّرن سڳورن جو هن ڳالھ تي اِجماع (اِتِّفاق) آهي ته هن آيت سڳوري ۾ اللہ  پاڪ جنهن شهر جو قسم ذِڪر ڪيو آهي اهو مَڪو شريف آهي۔ هن ئي آيتِ مُبارَڪه ڏانهن اِشارو ڪندي اَميرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عُمَر فاروقِ اَعظم رَضِىَ اللہ  تَعَالٰی عَـنْهُ نبي ڪريم صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ هيئن عَرض گزار ٿيا: يارَسُولَ اللہ  صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! منهنجا ماءُ پيءُ  اوهان تي فِدا ٿين! اوهان جي فضيلت اللہ  پاڪ وٽ ايتري بلند آهي جو اوهان جي مبارڪ زندگي بابت اللہ  ڪريم  قسم ياد فرمايو آهي نه ئي ٻين نبين سڳورن عَلَيهمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلام جو ۽ اوهان جو مَقام ۽ رتبو رب ڪريم وٽ ايترو بلند آهي جو ان جي ذريعي اوهان جي مُبارَڪ قدمن جي خاڪ جو قسم ذِڪر ڪيو آهي۔ ( شرح زرقاني علي المواھب ،الفصل الخامس۔۔۔ الخ، ۸/۴۹۳،فتاويٰ رضويه،۵/۵۵۶)

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي مَشهور  نَعتِيه دِيوان”حدائقِ بخشش“ ۾ لکن ٿا:

وہ خدانے ہے مَرْتَبَہ تجھ کو دیا نہ کسی کو مِلے نہ کسی کو مِلا

 

کہ کلامِ مجید نے کھائی شہا تِرے شہر و کلام و بَقا کی قسم

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! جهڙي طرح قرآنِ ڪريم مَڪه مُڪرَّمه جي شان ۽ عظمت جي شاهدي ڏئي رهيو آهي اهڙي طرح مُختلِف حديث سڳورين ۾ به مَڪه مُڪرَّمه جي عظيمُ الشَّان فضيلتن کي بَيان ڪيو ويو آهي۔ اچو! اسان به اهي فضيلتون ٻڌون ٿيون ته جيئن اسان جي دل ۽ دماغ ۾ به ان مُقَدَّس شهر جو شان ۽ عظمت وڌيڪ اُجاگر ٿئي،