Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat
ابراهيم! تنهنجو ڪم آهي ندا ڪرڻ پهچائڻ اسان جو ذمو آهي.“ ته حضرت سيدنا ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جبل ابو قُبَيس تي چڙهي بلند آواز سان پڪاريو اي اللہ پاڪ جا ٻانهو! توهان جي رب پاڪ گهر بڻايو ۽ توهان کي هن جو حج ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پوءِ اللہ پاڪ سموري زمين وارن کي سندن جو آواز ٻڌايو ته جنن، انسانن، پٿر ۽ مٽي جي ڀترن، پهاڙن ۽ وارياسي ميدانن ۽ هر خشڪ ۽ تر جواب ڏنو. مشرق ۽ مغرب وارن کي آواز پهچايو ته مائرن جي پيٽن مان ۽ مردن جي پشتن مان سڀني هي چوندي جواب ڏنو: لَبَّیْکَ اَللّٰھُمَّ لَبَّیْکَ لَبَّیْکَ لَا شَرِیْکَ لَکَ لَبَّیْکَ اِنَّ الْحَمْدَ وَالنِّعْمَۃَ لَکَ وَالْمُلْک لَا شَرِیْکَ لَکَ ته اڄ اهو ئي شخص حج ڪندو، جنهن ان ڏينهن جواب ڏنو هو. جنهن هڪ ڀيرو لبيڪ چيو ته اهو هڪ ڀيرو حج ڪندو، جنهن ٻه ڀيرا چيو اهو ٻه ڀيرا ۽ جنهن ٽي ڀيرا لبيڪ چيو اهو ٽي ڀيرا حج ڪندو ۽ جنهن ان کان وڌيڪ ڀيرا لبيڪ چيو اهو اوترائي ڀيرا حج ڪندو.
(شعب الایمان للبیھقی،باب فی المناسک،حیث الکعبۃ والمسجد الحرام،حدیث:۳۹۸۹، ج۳،ص۴۳۶، مفھومًا،اخبار مکۃ للفاکھی،ذکر ابراھیم۔۔الخ،حدیث:۹۷۳،ج۱،ص ۴۴۵ِفردوس الاخبار للدیلمی، باب اللام، حدیث۵۳۴۳،ج۲،ص۲۱۷)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بَيتُ اللہ شريف جو حج ڪرڻ اها عظيم ۽ عمده عبادت آهي جو عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون هن عبادت کي ادا ڪرڻ جي لاءِ ٻاڏائي دعائون گھرنديون آهن، ٻين کان دعا ڪرائينديون آهن، هن مَقصَد کي حاصل ڪرڻ خاطِر ڪميٽيون وجھنديون آهن، پنهنجي حلال ڪمائي مان ڪجھ نه ڪجھ الڳ سان گڏ ڪنديون آهن، پوءِ مخصوص رَقم جمع ٿيڻ کان بعد حج جي ادائيگي جي لاءِ هن اُمّيد تي درخواستون (Applications) جمع ڪرائينديون آهن ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن ڀيري انهن جو نالو به قُرعه اندازي ۾ نڪرندو ۽ اهي به حج جي سعادت ماڻي اتي جي دِلرُبا نظارن سان پنهنجون اکيون ٿڌيون ڪنديون، مُقَدَّس جاين تي وڃي پنهنجي گناهن جي مُعافي گھرنديون، پنهنجو دلي احوال ٻڌائينديون ۽ دنيا و آخرت جون ڀلائيون گھرنديون، پوءِ جنهن جو نالو قُرعه اَندازي ۾ نڪري ايندو آهي ته ان جي خوشي ڏسڻ وٽان هوندي آهي ڇوته ڪجھ ئي ڏينهن کان بعد هوءَ خواب ۾ نه بلڪه حقيقت ۾ ان شهرِ محبوب يعني مَڪه مُڪرَّمَه جي حدن ۾ داخل ٿيندي جنهن جو شان ۽ عظمت قرآنِ ڪريم ۾ بَيان ٿيو آهي،