Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُاللہ  , تُوبُوا اِلَـي اللہ ! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

زبان ۽ اکين وارو ڪڪر

دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جو ڪتاب ”حڪايتون ۽ نصيحتون“ جي صفحي نمبر 126 تي آهي: حضرت سيدنا عبداللہ  بن عباس رَضِیَ اللہ  تَعَالٰی عَنْهُما کان روايت آهي: جڏهن طوفانِ نوح کان بعد بيت المعمور جنهن جو بنياد حضرت سيدنا آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم رکيو هو، جنهن کي ڇهين آسمان تي کنيو ويو ته اللہ  پاڪ حضرت سيدنا ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي حڪم ڏنو ته اهي بيت اللہ  شريف جي جاءِ تي اچي ان جي نشانن تي بنياد رکن. حضرت سيدنا ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم اتي تشريف کڻي ويا پر اهو پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کان پوشيده هو ۽ پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي ان جو ڪو نشان ڏسڻ ۾ نه پئي آيو ته اللہ  پاڪ هڪ بادل موڪليو جيڪو ڊيگهه ويڪرائي ۾ بيت اللہ  شريف جي مقدار جي برابر هو، ان جو مٿو، زبان ۽ ٻه اکيون هيون. اهو بيت اللہ  شريف جي مقام تي بيهي رهيو ۽ عرض ڪيائين: اي ابراهيم! منهنجي مقدار جي برابر بنياد رک. حضرت سيدنا ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ان جي چوڻ جي مطابق بنياد رکي پوءِ بادل هليو ويو.

جڏهن حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ان جي بڻائڻ کان فارغ ٿيا پوءِ طواف ڪيائون. اللہ  پاڪ سندن جي طرف وحِي فرمائي ته ”ماڻهن ۾ حج جو اعلان ڪر“ پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم عرض ڪيائون: ”منهنجو آواز ڪئين پهچندو؟“ ته اللہ  پاڪ ارشاد فرمايو: ”اي