Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat
آهي بلڪ هڪ ڏينهن جو سفر به.(بهارِ شريعت، حصو 4 ص 101) سَرڪار مدينه صَلَّى اللہ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت سيّدُنا جُبَير بن مُطۡعِم رَضِىَ اللہ تَعَالٰی عَنْهُ کي سفر ۾ پنهنجي سڀني ساٿين کان وڌيڪ خوشحال رهڻ جي لاءِ روانگي کان پهريان اهو وِرد پڙهڻ جي تلقين فرمائي؛ (1) سورة الکٰفرون (2) سورة النصر (3) سورة الاخلاص (4) سورة الفلق (5) سورة النّاس هر سورت هڪ هڪ دفعو ۽ هر هڪ جي پهريان ”بِسْمِ ﷲِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم“ ۽ آخر ۾ به بِسْمِ ﷲِ پوري پڙهو (اهڙيءَ طرح پنج سورتون ٿينديون ۽ بِسْمِ ﷲِ شريف ڇھ ڀيرا) حضرت سيّدُنا جُبير بن مُطۡعِم رَضِىَ اللہ تَعَالٰی عَنْهُ فرمائن ٿا ته مان هونءَ ته شاهوڪار هئس پر جڏهن سفر ڪندو هيس ته سڀني ساٿين کان وڌيڪ غريب ٿي ويندو هيس۔ پوءِ مون اهي سورتون سفر کان پهريان پڙهڻ شروع ڪيون ته انهن جي برڪت سان واپسي تائين خوشحال ۽ دولتمند رهندو هئس۔ (ابويعليٰ،۶/۲۶۵، حديث:۷۳۸۲)٭ جڏهن مٿانهين جڳهه تي يا ڏاڪڻين تي چڙهندي يا بس وغيره مٿانهين ڏانهن چڙهي رهي هجي ته ”اللہ اَکْبَر“ چئو ۽ جڏهن ڏاڪڻين کان لهو يا لاهيءَ ڏانهن لهو ته ”سُبْحٰنَ اللہ “ چئو ٭ منزل تي لهڻ وقت هيءَ دعا پڙهو؛ اَعُوْذُ بِکَلِمَاتِ اللہ التَّـآمَّاتِ مِنْ شَرِّمَا خَلَقَ. ترجمو؛ اللہ عَزَّ وَجَلَّ جي ڪلماتِ تامه جي ذريعي سموري مخلوق جي شر کان پناهه گهران ٿو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هر نقصان کان بچندؤ۔ (الحِصنُ الحَصين، ص۸۲)٭ دورانِ سفر به نَماز ۾ هرگز ڪوتاهي نه ٿئي، ٭ رستي ۾ بس خراب ٿي وڃي ته ڊرائيور يا بس جي مالڪن وغيره کي ڇڙٻ ڏيڻ ۽ بڪ بڪ ڪري پنهنجي آخرت خراب ڪرڻ بدران صبر ڪيو ۽ جنّت جي طلب ۾ ذِڪر و دورد ۾ مشغول ٿي وڃو.
طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد