Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat
٭ مَڪهٔ مُڪرَّمَه جي شان و عظمت کي قرآنِ ڪريم ۾ بيان ڪيو ويو آهي۔ ٭ مَڪي شريف جو شان ۽ عظمت حديثن سڳورين ۾ بيان ٿيو آهي۔ ٭ مَڪي شريف ۾ دجال داخل نه ٿي سگھندو۔ ٭ مَڪه مُڪرَّمَه ۾ داخل ٿيڻ وارو امن وارو ٿي ويندو آهي۔ ٭ مَڪه مُڪرَّمَه ۾ نبي ڪريم صَلَّى اللہ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادتِ باسعادت ٿي۔ ٭ مَڪه مُڪرَّمَه جي زمين آقا صَلَّى اللہ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پسنديده زمين آهي۔ ٭ مَڪه مُڪرَّمَه ۾ فضيلت ۽ برڪت وارا ڪيئي مقام موجود آهن۔ ٭ مَڪي شريف ۾ ئي امام مهدي رَضِىَ اللہ تَعَالٰی عَـنْهُ جو ظهور ٿيندو۔ اللہ پاڪ اسان کي حرمين طيبين جي بار بار باادب حاضري نصيب فرمائي۔
اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللہ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿي، تاجدار رسالت،
شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللہ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)
سُنّتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں نیک ہوجائیں مسلمان مدینے والے
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اچو سَفر ڪرڻ جون سُنّتون ۽ آداب ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿيون۔ ٭ جڏهن سفر ڪرڻو هجي ته بهتر هي آهي ته سومر، جمعرات يا ڇنڇر جو ڪري۔ (فتاويٰ رضويه،۲۳/۴۰۰ملخصاً) ٭ عورت کي بغير مڙس يا محرم جي سفر جي لاءِ وڃڻ حرام آهي، هن ۾ ڪجهه حج جي خصوصيت نه آهي، ڪاٿي هڪ ڏينهن جي رستي تي بغير مڙس يا محرم جي ويندي ته گناهگار ٿيندي. (فتاوي رضويه ڪتاب الحج ج 10 ص 657) ٭عورت کي بغير محرم جي ٽي ڏينهن يا وڌيڪ جو سفر ڪرڻ، ناجائز