Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

جو اندازو هن ڳالهه سان لڳايو ته ڪجهه بزرگن جو اهو معمول هو ته اهي ڪنهن ٻئي ملڪ يا شهر جي رهائشي هئڻ جي باوجود مڪه مڪرمه جي فيض ۽ برڪتون حاصل ڪرڻ جي غرض سان زندگي جو اڪثرحصو محبوب جي شهر جي خوشبودار ۽ خوش گوار فضائن ۾ ساهه کڻندي گذاريندا هئا ۽ هر سال استقامت سان گڏ بيت اللہ  شريف جي حج جي سعادت سان به فيضياب ٿيندا هئا.

مجلس حج و عمرھ

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! مڪي مديني جي فيضان سان فيضياب ٿيڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿيو ۽ دينِ مَتِين جو پيغام عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اِسلامي تبليغِ دين جي 104 شُعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ ۾ مصروف آهي، انهن مان هڪ شُعبَو ’’مجلسِ حج وعُمره‘‘ به آهي۔ هن مجلس ۾ شامل تَربِيت يافته مُبَلّغ اِسلامي ڀائر هر سال حج جي مَوسمِ بهار ۾ حاجي ڪيمپن ۾ وڃي حاجين جي مدني تَربِيَت ڪندا آهن جڏهن ته مُبَلّغات اِسلامي ڀينرون حاجياڻين جي تَربِيت ڪنديون آهن۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ هن مجلس جي تَحت حج وزيارتِ مدينه جي لاءِ مڪي مديني وڃڻ وارن کي اميرِ اهلسنّت دَامَت بَرکاتُهُمُ العَاليه جا تحرير ڪيل ڪتاب ”رَفِيقُ الْحَرَمَين“ ۽ ”رَفِيقُ الْمُعْتَمِرِين“ به تحفي طور پيش ڪيا ويندا آهن ته جيئن اللہ  عَزَّ وَجَلَّ جي گھر جا مهمان ۽ حبيبِ خدا صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا عاشق هن عِبادت کي اَحسَن طريقي سان ادا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن، اللہ  پاڪ مجلس حج و عمره کي وڌيڪ برڪتون عطا فرمائي۔ اٰمِين  بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بَيان جو خلاصو

       پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اڄ جي بيان ۾اسان ٻڌو ته