Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat
جي ترڪيب بڻايو (جنهن ۾ نامحرم نه هجن) امير اهلسنت دامت برڪاتهم العاليہ جي تخريج ڪيل رسالن مان به حسب موقع درس ڏئي سگهجي ٿو (دورانيو 7 منٽ آهي)
گهر درس جي برڪت سان علم دين حاصل ڪرڻ جو ثواب ملندو آهي اهڙي طرح گهر درس به ظاهري ۽ باطني اخلاق سنوارڻ ۽ سٺي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو آهي تنهنڪري اوهان سڀئي اسلامي ڀينرون گهر درس شروع ڪرڻ جي نيت ڪريو ۽ دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان هميشه جي لاءِ وابسته ٿي وڃو
گناهه کي گناهه سمجهڻ جو شعور ملي ويو:
باب المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀيڻ نمازون قضا ڪرڻ ۽ بي پردگيءَ جهڙن گناهن ۾ گرفتار هئي. افسوس!ان کي گناهه کي گناهه سمجهڻ جو به احساس نه هو ان کي دنياوي سهولتون موجود هجڻ جي باوجو دلي سڪون نصيب نه هو ۽ عجيب بي چيني ۽ گهٻراهٽ جو شڪار رهندي هئي الحمد لله عَزَّوَجَلَّ ان کي دلي سڪون هن طرح مليو جو ڪجهه اسلامي ڀينرن جي دعوت تي ان کي دعوت اسلامي جي هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي سعادت ملي اتي بيان ٻڌو پنهنجي ربّ قدير عَزَّوَجَلَّ جو ذڪر ڪيو ۽ دعا گهري ۽ روئيندي روئيندي پنهنجي گناهن کان توبهه ڪئي ته ان کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ان جي دل تان بار لهي ويو ۽ ان کي قرار نصيب ٿي ويوآهي الحمدلله عَزَّوَجَلَّ انهيءَ اجتماع ۾ شرڪت جي برڪت سان اهي نه صرف مدني ماحول سان وابسته ٿيون بلڪ امير اهلسنت دامت برڪاتهم العاليہ سان بيعت ٿي ڪري عطّاريه به ٿي ويون.
(مون مدني برقعو ڇو پاتو؟ص19)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! حرمين شريفين جي حاضري جي تڙپ پنهنجي اندر پيدا ڪرڻ جو هڪ ٻيو ذريعو اهو به آهي ته اسان بزرگانِ دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جي سيرت جو مطالعو ڪيون ڇو ته هي حضرات مڪي مديني جي سر زمين سان سچي عقيدت ۽ محبت ڪندا هئا انهن مقامن سان انهن جي محبت