Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

هتي ئي نازل ٿيو هو۔“ (الترغيب والترهيب 2/94 حديث1782) انهيءَ جبل کي ”الامين“ به چيو ويو آهي ته ”طوفانِ نوح“ ۾ حَجَرِ اَسۡوَد انهيءَ جبل تي حفاظت سان تشريف فرما رهيو، هڪ روايت جي مطابق ڪعبي شريف جي تعمير جي موقعي تي ان جبل حضرت سيدنا ابراهيم عَلَيه السَّلام کي پڪاري ڪري عرض ڪيو؛ حَجَرِ اَسۡوَد هتي آهي۔ (بلدالامين ص 204 بتغير قليل) منقول آهي؛ اسان جي پياري آقا صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهيءَ جبل تي جلوه افروز ٿي ڪري چنڊ جا ٻه ٽڪرا ڪيا هئا، جيئن ته مڪو پاڪ جبلن جي وچ ۾ گهيريل آهي ان لاءِ اتان چنڊ ڏٺو ويندو هو، (ٻي ۽

 ٽي)رات جي چنڊ کي هلال چيو ويندو آهي تنهنڪري هن جڳهه تي يادگار جي طور تي هتي ”مسجدِ هلال“ تعمير ڪئي وئي آهي، ڪجهه ماڻهو ان کي مسجدِ بلال (رَضِىَ اللہ  تَعَالٰی عَنْهُ) چوندا آهن۔ (عاشقانِ رسول ڪي 130حڪايات، ص۲۳۸ملخصاً)

جَبَلِ نُور و جَبَلِ ثَور اور اُن کے غاروں کو سلام                        نُور برساتے پہاڑوں کی قِطاروں کو سلام

18. پياري پياري آقا صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اتي پنهنجي حياتِ ظاهري جا 53 سال گذاريا.

19.  حضرت سيدنا امام مهدي رَضِىَ اللہ  تَعَالٰی عَـنْهُ جو ظهور مڪي شريف ۾ ئي ٿيندو. (عاشقانِ رسول کی 130حکایات مع مکے مدینے کی زیارتیں،ص۲۰۰ ملخصاً)

مکّے کی حَسِیْں شام کی دیکھوں میں بہاریں

 

پھر دیکھوں مدینے کی شہا صُبْحِ دل آرا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

8مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”گهر درس “

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! مڪي مديني جي زيارت ۽ اتان جي نور بار مقاماتِ مقدسه جي زيارت جو شوق وڌائڻ ۽ سٺين جي صحبت ماڻن جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي ڪري ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن ۾ پنهنجو حصو ملايو. ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”گهر درس “ به آهي. گهر ۾ مدني ماحول بڻائڻ جي لاءِ روزانو گهٽ مان گهٽ هڪ ڀيرو درسِ فيضان سنت ڏيڻ يا ٻڌڻ