Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

وحي نازل ٿي، تاجدارِ رسالت صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ظهورِ رِسالت کان اڳ هتي ذِڪر و فڪر ۾ مشغول رهيا هئا، اهو قبلي جي طرف واقع آهي۔ رحمتِ عالم صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن تي پهرين وحي به انهيءَ غار ۾ نازل ٿي۔ جيڪا اِقۡرَاۡ بِاسۡمِ رَبِّکَ الَّذِیۡ خَلَقَ ﴿۱﴾ کان مَا لَمۡ  یَعۡلَمۡ تائين 5 آيتون آهن، اهو غار مبارڪ مسجد الحرام کان اوڀر طرف تقريبًا 3 ميل تي ”جبلِ حِرا“ تي آهي، انهيءَ مبارڪ جبل کي جبل نور به چوندا آهن۔ ”غارِ حِرا“ غارِ ثور کان افضل آهي، ڇوته غارِ ثور ٽن ڏينهن تائين رحمت عالم صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا قدم چميا، جڏهن ته غارِ حِرا حضور اڪرم  صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي برڪت ڀري صحبت کان ڪافي عرصو فيضياب ٿيندو رهيو۔ (عاشقانِ رسول ڪي 130حڪايات،ص۲۴۱)

 

(13) مڪه پاڪ جي هڪ خصوصيت هي آهي ته هتي هر موسم جا ميوا ملندا آهن. (14) (15) معراج النبي ۽ چنڊ جي ٻه ٽڪرا ٿيڻ جا معجزا انهيء شهر ۾ ظاهر ٿيا.

چنڊ ٻه ٽڪرا ٿي ويو

ڪفارِ مڪه حضور اڪرم صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان معجزو طلب ڪيو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم چنڊ کي ٻه ٽڪرا ڪري ڏيکاري ڇڏيو هڪ ٽڪرو”جبلِ ابوقُبَيس“ تي نظر آيو ۽ ٻيو ٽڪرو ”جبلِ قُعَيقِعان“ تي ڏٺو ويو. اهڙي طرح چنڊ کي ٻه ٽڪرا ڪري حضور صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪفارِ مڪه کي ڏيکاري ڇڏيو ۽ فرمايائون ته توهان ماڻهو گواهه ٿي وڃو. ( تفسیر جلالین، ص۴۴۰،پ۲۷، القمر:۱) 

17 دنيا جو سڀ کان پهريون جبل جبل ابو قبيس اتي واقع آهي.

جبلِ ابو قُبَيس  

هي دنيا جو سڀ کان پهريون جبل آهي، مسجدُ الحرام جي ٻاهر صفا ۽ مَرۡوَه جي ويجھو واقع آهي، ان جبل تي دعا قبول ٿيندي آهي، مڪي وارا ڏڪار دوران انهيءَ تي اچي دعا گھرندا هئا، حديث پاڪ ۾ آهي؛ ”حَجَرِ اَسۡوَد جنّت مان