Book Name:Ilm Deen K Fazail

بيدار ٿي  ۽ حسن بن سفيان ۽ انهن جي ساٿين کي ڳولھ، اهي دِين جا شاگرد راھ خدا جا مسافر 3 ڏينهن کان بکايل آهن ۽ فُلاڻي مسجد ۾ ترسيل آهن۔ مون ان سوار کان پڇا ڪئي: اوهان ڪير آهيو؟ ان چيائين: مان جنت جي ملائڪن مان هڪ ملائڪ آهيان ۽ توکي هنن دِين جي طالبن جي احوال کان خبردار ڪرڻ آيو آهيان، هڪدم انهن جي خدمت جو انتظام ڪريو۔ ايترو چوڻ کان پوءِ هو سوار منهنجي نگاهن کان غائب ٿي ويو ۽ منهنجي اک کلي پئي، بس ان وقت کان منهنجي پاسي ۾ گھڻو سور ٿي رهيو آهي۔ توهان اهو سڄو مال ۽ کاڌو وغيره کڻي انهن دِيني شاگردن Student)) جي خدمت ۾ پيش ڪريو ته جيئن مون کان اها تڪليف پري ٿي وڃي۔

حضرت سيدنا حسن بن سُفيان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: ان نوجوان کان اهي ڳالهيون ٻڌي اسان سڀ گھڻو حيران ٿياسين ۽ اللہ  پاڪ جو شڪر ادا ڪيو ۽ ان رحيم وڪريم مالڪ جي عطا تي شڪر جو سجدو ادا ڪيوسين۔

 پوءِ اسان سڀني دوستن اهو فيصلو ڪيو ته هينئر رات ئي جو اسان کي هن هنڌان وڃڻ گھرجي، نه ته اسان جو واقعو ماڻهن ۾ مشهور ٿي ويندو ۽ حاڪمِ شهر اسان جي حالت کان واقف ٿي اسان جو ادب ۽ احترام ڪندو، اهڙي طرح ماڻهن ۾ اسان جي نيڪ نامي ٿي ويندي، ٿي سگھي ٿو پوءِ اسان رياڪاري (ڏيکاءُ) ۽ تڪبر جي آفت ۾ مبتلا ٿي وڃون۔ ان ڪري اسان سڀئي دوست راتو رات اتان نڪتاسين ۽ مختلف علائقن ۾ هليا وياسين۔ علمِ دين جي راھ ۾ اهڙين تڪليفن ۽ مشقتن تي صبروشڪر ڪرڻ جي ڪري اسان مان هر هڪ پنهنجي دور جو بهترين محدث ۽ ماهر فقيهه بڻيو ۽ علمِ دِين جي برڪت سان اسان کي بارگاه خداوندي ۾ اعليٰ مقام عطا ڪيو ويو۔

 (عيون الحڪايات،ص۱۱۳ملخصاً)

علم حاصل کرو جہل زائل کرو     پاؤ گے راحتیں قافلے میں چلو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

علمِ دين جي فضيلتن جي ڇا ڳالھ ڪجي!