Book Name:Ilm Deen K Fazail

حديث جا ماهر ۽ سڀ کان وڏا فقيهه ۽ حافظُ الحديث هجن، گھڻي ڳولها کان پوءِ اسان ان زماني جي سڀ کان وڏي محدث وٽ پهتاسين، هو اسان کي روزانو تمام ٿوري تعداد ۾ حديثون لکرائيندو هو۔ اسان سڀئي دوست هڪ مسجد ۾ رهندا هئاسين، ڪو به اسان جي مشقتن ۽ تڪليفن کان واقف نه هو ۽ نه ئي اسان ڪڏهن پنهنجي تنگدستي ۽ غربت جي ڪنهن سان شڪايت ڪئي، هاڻ اسان وٽ کاڌي جي لاءِ ڪجھ به نه رهيو هو، نيٺ اسان 3 ڏينهن ۽ 3 راتيون بک جي حالت ۾ گذاريون۔ اسان جي ڪمزوري ايتري وڌي وئي جو اسان چُري به نه پئي سگھيا سين۔ چوٿين ڏينهن بک سبب اسان جي حالت وڌيڪ خراب هئي، پوءِ مون مسجد جي هڪ ڪنڊ ۾ وڃي نماز پڙهڻ شروع ڪئي ۽ برڪت واري نالن جي وسيلي سان دعا ڪئي۔ اڃا مان دعا مان فارغ به نه ٿيو هئس جو مسجد ۾ هڪ نوجوان داخل ٿيو ۽ پڇيائين: توهان مان حسن بن سفيان (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه) ڪير آهي ؟ چيم: مان آهيان، هن نوجوان چيو: اسان جي شهر جي حاڪم (Ruler) ”طولون“ اوهان جي لاءِ هي کاڌو موڪليو آهي۔ مون ان نوجوان کي چيو: توهان جي حاڪم کي اسان جي باري ۾ خبر ڪنهن ڏني آهي؟ ته هو نوجوان چوڻ لڳو: مان پنهنجي حاڪم جو خاص خادم آهيان۔ اڄ صبح حاڪم مون کي سڏي چيائين: فُلاڻي پاڙي جي فلاڻي مسجد ۾ وڃ، هي کاڌو ۽ رقم به کڻي وڃ ۽ نهايت احترام سان انهن جي بارگاھ ۾ پيش ڪجان، اهي دِين جا طالب 3 ڏينهن ۽ 3 راتين کان بکايل آهن ۽ منهنجي طرفان انهن کان معذرت ڪجان ته مان انهن جي حالت کان بي خبر رهيس، جڏهن ته اهي منهنجي شهر ۾ هئا، سڀاڻي مان انهن جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي معافي گھرندس۔ ان نوجوان اسان کي ٻڌايو ته جڏهن مون حاڪم کان اهي ڳالهيون ٻڌيون ته مون عرض ڪيو: حضور! آخر ڪهڙو واقعو پيش آيو آهي؟ حاڪم چيو: مان آرام جي لاءِ پنهنجي بستر تي ليٽيس، اڃا منهنجون اکيون بند ئي ٿيون هيون جو مون خواب ۾ هڪ گھوڙي سوار کي ڏٺو، ان جي هٿ ۾ هڪ نيزو هو ان نيزي جي چهنب منهنجي پاسي ۾ رکي چيائين: هڪدم