Share this link via
Personality Websites!
آهن نه صرف ان جي تلاوت ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي بلڪ ان جي زيارت ڪرڻ به عبادت آهي جيئن ته حديثِ پاڪ ۾ آهي:اَلنَّظْرُ فِي الْمُصْحَفِ عِبَادَۃٌ يعني قرآنِ مجيد کي ڏسڻ عبادت آهي۔(شعب الايمان،باب في بر الوالدين، ۶/۱۸۷، حديث: ۷۸۶۰) اهو ئي سبب آهي ته نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ وقت بوقت پنهنجي صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪرڻ جي ترغيب ڏياري ۽ کوڙ حديث سڳورين ۾ ان جون فضيلتون به بيان ڪيون آهن۔ جيڪي ماڻهو ڪثرت سان قرآنِ پاڪ پڙھندا آهن انهن تي اِنعاماتِ خُداوندي جي ڪهڙي ڇماڇم برسات ٿيندي آهن، اچو! هن باري ۾ ٽي (3) حديث سڳوريون ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿيون،
1 ارشاد فرمايائون: قيامت جي ڏينهن قرآن پڙهڻ وارو ايندو ته قرآن عرض ڪندو؛ يا ربّ ڪريم! هن کي حُلَّه (يعني جنتي لباس) پاراءِ، ته هن کي ڪرامت جو حُلّو (يعني بزرگي وارو جنتي لباس) پارايو ويندو، وري قرآن عرض ڪندو؛ يا ربّ ڪريم! ان ۾ اضافو فرماءِ، ته ان کي ڪرامت جو تاج پارايو ويندو، وري قرآن ڪريم عرض ڪندو؛ يا رب ڪريم! ان سان راضي ٿي وڃ، ته اللہ پاڪ ان سان راضي ٿي ويندو، پوءِ قرآن پڙهڻ واري کي چيو ويندو؛ قرآن پڙهندو وڃ ۽ جنت جا درجا طئي ڪندو وڃ ۽ هر آيت تي ان کي هڪ نعمت ڏني ويندي. (ترمذي،ڪتاب فضائل القرآن،باب ما جآء في من قرأ …الخ، ۴/۴۱۹، حديث:۲۹۲۴)
2 ارشاد فرمايائون: اللہ پاڪ قرآن ٻُڌڻ واري کان دنيا جون مصيبتون پري ڪندو آهي ۽ قرآن پڙھڻ واري کان آخرت جون مصيبتون پري ڪندو آهي۔ قرآنِ پاڪ جي هڪ آيت ٻڌڻ سون جي خزاني کان بهتر آهي، ان جي هڪ آيت پڙھڻ عرش جي هيٺ موجود سمورين شين کان افضل آهي۔(مسند الفردوس، ۵/۲۵۹ ، حديث: ۸۱۲۲)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami