Share this link via
Personality Websites!
کان غائب ٿي وئي۔ صبح جي وقت مان سرڪارِمدينهصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان گذريل رات پنهنجي اِصطبل ۾ قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪري رهيو هئس ته منهنجو گھوڙو اُڇلڻ لڳو۔ جڏهن مان ٻاهر آيس ته مون پنهنجي مٿي تي هڪ ڇٽي کي سايو ڪندي ڏٺو جنهن ۾ چراغ رو شن هئا، پوءِ اها فَضا ۾ بُلند ٿيندي وئي ايستائين جو منهنجي نگاهن کان پري ٿي وئي، ان وقت (مهنجو پٽ) گھوڙي جي ويجھو هو مون کي خوف محسوس ٿيو ته ڪٿي گھوڙو ان کي چيڀاٽي نه ڇڏي۔ اهو ٻڌي تاجدارِ رِسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون: اهي ملائڪ هئا جيڪي تنهنجي قِرأت ٻڌڻ جي لاءِ آيا هئا جيڪڏهن توهان تلاوت ڪندا رهو ها ته صبح ماڻهو انهن کي ڏسن ها ۽ انهن مان ڪو به پوشيده نه رهي ها۔
(مسلم،ڪتاب صلاۃ المسافرين،باب نزول السڪينۃ…الخ،رقم:۷۹۶،ص ۳۱۱ ملتقطاً)
دے شوقِ تلاوت دے ذوقِ عبادت رہوں باوضو میں سدا یاالٰہی
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن حڪايت مان معلوم ٿيو ته جنهن هنڌ تي قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪئي ويندي آهي اتي رَحمَت جي ملائڪن جو نُزول ٿيندو آهي، ان هنڌ تي اللہ پاڪ جي رَحمتن جي برسات ٿيندي آهي، تلاوتِ قرآن جي برڪت سان آس پاس رهڻ واري مَخلوق کي قُدرت جا نَظارا به ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جيئن ته اوهان ٻڌو ته هڪ صحابي رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه تلاوت ڪندو رهيو ۽ سندن گھوڙو ملائڪن جو نَظارو ڪندو رهيو ۽ اُن صحابي رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه به هڪ روشن چراغ جي صورت ۾ ملائڪن کي ملاحظه فرمايو۔ ياد رکو! قرآنِ ڪريم اللہ پاڪ جو نهايت ئي مبارڪ ۽ با برڪت ڪلام آهي، هن جو پڙھڻ، پڙھائڻ، ٻڌڻ، ٻڌائڻ سڀ ثواب جا ڪم
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami