Share this link via
Personality Websites!
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنّت مان ثابت آهي. غزوه تبوڪ، مسجد نبوي شريف علیٰ صا حبھا الصلوٰۃ والسلام جي تعمير، بيرِ رومه جي خريداي وغيره جي موقعن تي حضوراڪرمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم راههِ خدا عَزَّوَجَلّ ۾خرچ ڪرڻ جي ترغيب ڏياري آهي
پياريون اسلامي ڀينرون! اوهان به همت ڪيو، جهڪ ختم ڪيو ۽ سنتن کي زندهه ڪرڻ جي لاءِ خوب خوب مدني عطيات گڏ ڪيو.
ترغيب طور هڪ حديث مبارڪه ملاحظه ڪيو: حضرت رافع بن خديج رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی
عَـنْهُ کان مروي آهي، فرمائن ٿا: مون حضوراڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي فرمائيندي ٻڌو: اللہ عَزَّوَجَلَّ جي رضا جي لاءِ حق جي مطابق صدقو وصول ڪرڻ وارو پنهنجي گهر موٽڻ تائين اللہ عَزَّوَجَلَّ جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ واري غازي وانگر آهي.“(سنن ابو دؤد ڪتاب الخراج والامارت الحديث3629 ج 3 ص 235)
تنهنڪري پياريون اسلامي ڀينرون! اسان کي گهرجي ته مدني عطيات جمع ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي رشتيدارن ۽ پاڙيوارين تي انفرادي ڪوشش شروع ڪري ڇڏيون. جيڪي خوش نصيب اسلامي ڀينرون هن ڀيري عمرو ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ واريون هجن انهن جي وڃڻ کان پهريان ئي انهن تي مدني عطيات جي سلسلي ۾ انفرادي ڪوشش ڪيو. پر اجنبي اسلامي ڀينرن ۽ غير محرم تي هرگز انفرادي ڪوشش نه ڪئي وڃي. ان جي علاوه جتي جتي اوهان غسلِ ميت ۽ اجتماعِ ذڪر ۽ نعت جي لاءِ وڃي چڪيون آهيو انهن کان به رابطو ڪري انهن تي انفرادي ڪوشش ڪيو. جو صرف چوڻ سان به اسان دعوت اسلامي کي تمام گهڻو فائدو پهچائي سگهون ٿيون.
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! مرشد جي توجه سان اسان کي هن عظيم مدني ڪم جي سعادت ملي رهي آهي ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو اسان شيطان جي مڪر ۽ فريب ۾ اچي جيڪڏهن ڪا ناداني ڪري ويهيون ۽ ڪا معمولي بي احتياطي اسان کي اللہ جي رحمت سان پري نه ڪري ڇڏي انهيء ڪري ايمانداري کي پنهنجو شعار بڻايون جو حضرت سيدنا عمر بن خطاب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايو: ”ڪنهن شخص جي نماز ۽ روزي کان ڌوڪي ۾
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami