Share this link via
Personality Websites!
نور جي پيڪر، تمام نبين جي سَروَرصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: قيامت جي ڏينهن قرآن کي هڪ شخص جي صورت عطا ڪئي ويندي، پوءِ ان کي هڪ اهڙي شخص وٽ آندو ويندو جيڪو قرآن جو عالم هئڻ جي باوجود ان جي حڪم جي مخالفت ڪندو رهيو، قرآن ان جي مخالفت ڪندي چوندو: اي منهنجا رب! هن منهنجو علم حاصل ڪيو پر اهو نهايت بُرو عالم آهي، هن منهنجي حدود جي خلاف ورزي ڪئي، منهنجي فرضن کي ضائع ڪيو، منهنجي نافرماني ۾ لڳو رهيو ۽ منهنجي اطاعت کي ڇڏي ڏنو۔ قرآن ان تي دلائل سان گڏ الزام لڳائيندو رهندو ايستائين جو چيو ويندو: هن جي باري ۾ تنهنجو معاملو تنهنجي حوالي آهي۔ قرآن ان جو هٿ پڪڙي وٺي ويندو ايستائين جو ان کي جهنم ۾ هڪ چٽان تي منهن ڀر ڪِرائي ڇڏيندو۔
(مصنف ابن ابي شيبه، ڪتاب فضائل القرآن، من قال: يشفع القرآن… الخ، ۷/۱۶۹، حديث:۱ملتقطاً)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ڏڪي وڃو! بيان ڪيل حديثن مطابق جيڪي ماڻهو قرآن جي پاسداري نٿا ڪن، قرآنِ پاڪ بروزِ قيامت اللہ ڪريم جي بارگاھ ۾ اهڙن ماڻهن جي شڪايت (Complain) ڪندو، جيڪي ماڻهو قرآن جي حلال ۽ حرام تي عمل نٿا ڪن اهي ملائڪن جي لعنت جا حقدار ٿيندا آهن۔ اللہ پاڪ اسان کي قرآنِ ڪريم جي احڪامن تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ اسان کي قبر ۽ حشر جي عذاب کان محفوظ رکي، دين ۽ دنيا ۾ عافيت ۽ ڪرم وارو معاملو فرمائي، قرآنِ حڪيم کي اسان جي لاءِ نجات
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami