Share this link via
Personality Websites!
پڇيو: پر هاڻي توهان اتي تلاوت ڇو نٿا ڪيو؟ هو شخص چوڻ لڳو: هڪ رات مون خواب ۾ ”احمد بن طولون“ کي ڏٺو، ان مون کي چيائين: توهان منهنجي قبر تي قرآن جي تلاوت نه ڪريو۔ مون چيو: اوهان مون کي تلاوتِ قرآن کان ڇو منع ڪري رهيا آهيو؟ ان جواب ڏنو: جڏهن به توهان قرآنِ مجيد جي ڪا آيت تلاوت ڪندا آهيو ته مون کي مٿي تي زور دار چوٽ هنئي ويندي آهي ۽ چيو ويندو آهي: ڇا تو دنيا ۾ اها آيت نه ٻڌي هئي؟ تنهنڪري ان خواب کان بعد مون ”احمد بن طولون“ جي قبر تي تلاوت ڪرڻ ڇڏي ڏنو۔(عيون الحڪايات ،ص۲۰۳)
بزرگانِ دين رَحِمَهمُ اللّٰه الْمُبِين کان منقول آهي: بعض اوقات ٻانهو هڪ سورت شروع ڪندو آهي ته ان کي پوري پڙهڻ تائين ملائڪ ان جي لاءِ رحمت جي دعا ڪندا آهن ۽ ڪڏهن ٻانهو هڪ سورت شروع ڪندو آهي ته ان کي پوري پڙھڻ تائين ملائڪ ان تي لعنت موڪليندا آهن۔ عرض ڪيو ويو: ائين ڇو؟ فرمايائون: جڏهن هو ان جي حلال کي حلال ۽ حرام کي حرام سمجھندو آهي ته ملائڪ ان جي لاءِ رحمت جي دعا ڪندا آهن نه ته لعنت موڪليندا آهن۔
(احياء العلوم،ڪتاب آداب تلاوۃ القرآن،۱/۳۶۵)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami