Share this link via
Personality Websites!
پنهنجي سلطنت جي ڪنهن حڪمران ڏانهن ڪو خط موڪلي ۽ ان ۾ حڪم ڏي ته فلاڻي فلاڻي شهر ۾ ان جي لاءِ هڪ محل تعمير ڪيو وڃي ۽ جڏهن اهو خط ان حڪمران تائين پهچي ته هو ان ۾ ڏنل حڪم جي مطابق محل تعمير نه ڪري البت ان خط کي روزانو پڙھندو رهي، ته جڏهن بادشاھ اتي پهچندو ۽ محل تعمير ٿيل نه ڏسندو ته ظاهر آهي ته هو حڪمران عتاب بلڪ سزا (Punishment) جو حقدار ٿيندو ڇو ته ان بادشاھ جو حڪم پڙهڻ جي باوجود ان تي عمل نه ڪيو پوءِ قرآن به انهيء خط جيان آهي جنهن ۾ اللہ پاڪ پنهنجن ٻانهن کي حڪم ڏنو ته هو دين جي ارڪان جيئن نماز ۽ روزو وغيره جي تعمير ڪن ۽ ماڻهو فقط قرآن مجيد جي تلاوت ڪندا رهن ۽ اللہ پاڪ جي حڪم تي عمل نه ڪن ته انهن جو فقط قرآنِ مجيد جي تلاوت ڪندو رهڻ حقيقي طور تي فائديمند ناهي۔ (روح البيان، البقرۃ، تحت الآيۃ: ۶۴،۱/۱۵۵،ملخصاً)
”تفسيرِ صراطُ الجنان“ جلد 3 صفحي 467 تي آهي: قرآنِ مجيد جي اَحڪام تي عمل جي سلسلي ۾ اسان پنهنجي اَسلاف (بُزرگن) جي حال ۽ پنهنجي حال جي ڀيٽ ڪريون ته موجوده دَور ۾ مسلمانن جي مجموعي صورتِ حال تمام گھڻي تشويشناڪ نظر اچي رهي آهي ڇوته اڄڪلھ مسلمان قرآنِ مجيد تي عمل کان گھڻو پري ٿي چڪا آهن ۽ دنيا جي نعمتن ۽ رنگينين تي مطمئن نظر اچي رهيا آهن۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami