Share this link via
Personality Websites!
آهي: هن (آيت) مان معلوم ٿيو ته امت تي قرآنِ مجيد جو هڪ حق هي آهي ته اهي هن مبارڪ ڪتاب جي پيروي ڪن ۽ هن جي احڪام جي خلاف ورزي ڪرڻ کان بچن۔ افسوس! اڄوڪي دور ۾ قرآنِ ڪريم تي عمل (ڪرڻ) جي لحاظ سان مسلمانن جو حال نه ٻڌائڻ جي لائق آهي، اڄ مسلمانن هن ڪتاب جي روزانو تلاوت ڪرڻ جي بدران ان کي گھرن ۾ جُزدان ۽ غِلاف جي زينت بڻائي ۽ دُڪانن تي ڪاروبار ۾ برڪت جي لاءِ رکيو آهي ۽ تلاوت ڪرڻ وارا به صحيح طريقي سان تلاوت نه ٿاڪن ۽ نه اهو سمجھڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته اللہ ڪريم هن ڪتاب ۾ انهن جي لاءِ ڇا فرمايو آهي۔ تاريخ شاهد آهي ته جيستائين مسلمانن هن مُقَدَّس ڪتاب کي سيني سان لڳائي هن کي احتياط سان رکيو ۽ ان جي دَستُور ۽ قانونن (Rules) ۽ اَحڪامن تي سختي سان عمل ڪندا رهيا تيستائين سڄي دنيا ۾ انهن جي شوڪت جي هاڪ هئي ۽ غيرن
جي دل مسلمانن جو نالو ٻڌي ڏڪڻ لڳندي هئي ۽ جڏهن کان مسلمانن قرآنِ عظيم جي احڪامن تي عمل ڇڏي ڏنو آهي تڏهن کان اهي سڄي دنيا ۾ ذليل ۽ خوار ٿي رهيا آهن ۽ غيرن جا محتاج بڻجي ويا آهن۔ (صراط الجنان، ۳/۲۴۷)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل آيت سڳوري ۽ ان جي تفسير مان معلوم ٿيو ته قرآنِ ڪريم جي احڪامن تي عمل نه ڪرڻ جو دُنيوي نُقصان ته پنهنجي جڳھ، اُخروي نُقصان به اِنتهائي شديد آهي، يقيناً جنهن پنهنجي زِندَگي ۾ اللہ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي احڪامن تي عمل ناهي ڪيو، اللہ ۽ ان جي پياري رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي راضي نه ڪيو اهو دنيا ۾ به ذليل ۽ خوار ٿيندو ۽ آخرت ۾ به ان جي سخت پڪڙ ٿيندي۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami