Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj
اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)
سینہ تِری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا جنّت میں پڑوسی مُجھے تُم اپنا بنانا
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
اچو! شيخ طريقت، امير اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ”101مدني گل“ مان نڇ ڏيڻ جون ڪجھ سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا: پهريان ٻه فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: ]1[ اللہ عَزَّوَجَلَّ کي نِڇ پسند آهي ۽ اوٻاسي ناپسند۔ (بخاري ج 4 ص 163 حديث 6226) ]2[ جڏهن ڪنهن کي نڇ اچي ۽ اُهو اَلْحَمْدُلِلّٰہِ چوي ته ملائڪ رَبُ الْعٰلَمِیْنَ چوندا آهن ۽ جيڪڏهن اُهو رَبُ الْعٰلَمِیْنَ چوندو آهي ته ملائڪ چوندا آهن: اللہ عَزَّوَجَلَّ تو تي رحم فرمائي۔ (المعجم الڪبير ج 11 ص 358 حديث 12284) ٭ نڇ جي وقت مٿو جهڪايو، منهن لڪايو، ۽ آواز آهستي ڪڍو، نِڇ جو آواز بلند ڪرڻ بيوقوفي آهي۔ (ردالمحتار ج 9 ص 684) ٭ نِڇ اچڻ وقت اَلْحَمْدُلِلّٰہ چوڻ گهرجي۔ (خزائن العرفان صفحي 3 تي طحطاوي جي حوالي سان نڇ اچڻ تي حمد الـٰهي کي سنتِ مؤَڪده لکيو آهي) بهتر اهو آهي ته اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ يا اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ عَليٰ کُلِّ حَال چوي ٭ ٻڌڻ واري تي واجب آهي ته فورًا يَرْحَمُکَ الله (يعني اللہ عَزَّوَجَلَّ توتي رحم فرمائي) چوي ۽ ايتري آواز سان چوي جو نڇ ڏيڻ وارو پاڻ ٻڌي۔ (بهار شريعت، جلد 3 حصو 16، ص 476) ٭ جواب ٻڌي نڇ ڏيڻ وارو چوي: ”یَغْفِرُ اللهُ لَنَا وَ لَکُمْ“ (يعني اللہ عَزَّوَجَلَّ اسان جي ۽ توهان جي بخشش فرمائي) يا هي چوي: ” یَھْدِیْکُمُ اللهُ وَ یُصْلِحُ