Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj
ڪندو آهي ۽ دُنيا جي ان تمام مصروفيتن کان جدا ٿي ويندو آهي جيڪي اللہ عَزَّوَجَلَّ جي قُرب جي راھ ۾ حائل ٿينديون آهن ۽ مُعتَڪف جو سمورو وقت حَقيقةً يا حُڪماً نَماز ۾ گذرندو آهي۔ (ڇوته نَماز جو انتِظار ڪرڻ به نماز جيان ثواب رکي ٿو) ۽ اعتِڪاف جو اَصل مقصد جماعت سان نَماز جو انتِظار ڪرڻ آهي ۽ مُعتَڪف ان (ملائڪن) کان مُشابَهت رکي ٿو جيڪي اللہ پاڪ جي حڪم جي نافرماني نه ڪندا آهن ۽ جيڪو انهن کي حُڪم ملندو آهي ان کي ادا ڪندا آهن ۽ انهن سان مُشابَهت رکي ٿو جيڪي ڏينهن رات اللہ عَزَّوَجَلَّ جي تسبيح (پاڪي) بيان ڪندا رَهندا آهن ۽ ان کان بيزار ناهن ٿيندا۔ (فتاوي عالمگيري ج۱ ص۲۱۲)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته اِعتڪاف دَوران نيڪيون ڪرڻ جا ڪيتري قدر مَوقعا ملندا آهن اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي تحت رَمَضانُ المُبارَڪ ۾ اعتڪاف جي نظام کي مُنَظَّم ڪرڻ جي لاءِ ڪيئي مجالس ۽ ذمه دار مقرر ڪيا ويندا آهن۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ نه صرف پاڪستان بلڪ دُنيا جي مختلف ملڪن جي سوين مسجدن ۾ سڄي رَمَضانُ المبارَڪ ۽ آخِري عَشره ۾ اِجتِمَاعي اِعتِڪاف جو اهتمام ڪيو ويندو آهي ۔ ان ۾ هزارين اسلامي ڀائر
مُعتَڪف ٿي پنج وقته نماز باجماعت اَدا ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻي نفلي عبادات جي سعادت به حاصل ڪندا آهن، هن کان علاوه اعتڪاف ۾ وُضو، غسل، نماز، روزي جا ۽ ٻيا شرعي مسئلا به سکاريا ويندا آهن ۽ روزانو ظهر ۽ تراويح کان پوءِ ٻن 2 مدني مُذاڪرن جي ذريعي شيخِ طريقت، اميرِاهلسُنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه سان ڪيل سُوالن جا دِلچسپ ۽ علم وحڪمت جي ڀرپُور جوابن سان معلومات جو وڏو خزانو به هٿ ايندو آهي۔ ۽ ڪيئي مُعتَڪف رَمَضانُ المبارَڪ ختم ٿيڻ تي چنڊ رات جو ئي عاشقانِ رسول سان گڏ سُنّتن جي تربيت جي مَدَني قافلن جا مُسافِر بڻجي ويندا آهن۔ ڪيئي خوش نصيب عاشقانِ رمضان مختلف مدني ڪورسز مثال طور "اِصلاحِ اعمال ڪورس، 12مدني ڪم ڪورس، فيضانِ نماز ڪورس، اِمامت ڪورس، مُدرس ڪورس" وغيره ڪرڻ