Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj

Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj

رسالا ذاتي رقم مان خريد ڪري پنهنجي رشتيدارن، قريبي دڪاندارن، طلبه ۽ استادن وغيره ۾ تقسيم ڪريو گڏوگڏ مرحومين جي ايصال ثواب جي لاءِ ٽيو، ڏهو، چاليهو، ورسي وغيره جي موقعن تي به رسائل تي مرحومين جو نالو لکرائي مفت تقسيم جي ترڪيب ڪريو. ”مجلسِ تقسيمِ رسائل“ جا ذِمّيدار خُوشي ۽ غَمي (مثال طور شادي، فَوتگي، ۽ عُرس وغيره)، تڪليف ۽ آزمائش (مثال طور بي روزگاري، بي اَولادي، گھريلو رنجشن ۽ بيماري وغيره)، ان جي علاوه، اِجتماع يومِ رضا، اِجتماعِ مِيلاد، جُلُوسِ مِيلاد، اجتماعِ غوثيه،اِجتماع يومِ غريب نواز،شَبِ بَرات، اجتماعِ معراج، شَبِ قَدر، رمضان اِعتڪاف، بُزرگ سڳورن جي عرس، رُڪنِ شوريٰ، نگرانِ ڪابينه جي بيان، مَدَني مشورو، سفرِ مدينه، ٻار جي وِلادَت، عَقِيقو، هفتيوار اِجتِماع، مدني مذاڪره اجتماع،OB Vanاجتماعات، نمازِ جُمعه وغيره جي موقعن تي رسالا ورهائڻ جي خُوب ترغيب ڏيارين ٿا۔ تنهنڪري اسان سڀ به خُوب خُوب تقسيمِ رَسائِل جو اِهتمام ڪريون ۽ کوڙ ثَواب ڪمايون۔

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں     اے دعوتِ اسلامی تِری دھوم مچی ہو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جڏهن رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ عالَمِ مَلَڪوت جي سير ڪري ۽ اللہ  پاڪ جي نشانين کي مُلاحَظَه فرمائي آسمان تان زمين تي تشريف وٺي آيا، بَيتُ المَقدِس ۾ داخِل ٿيا ۽ بُراق تي سُوار ٿي مَڪي شريف جي لاءِ روانا ٿيا۔ راھ ۾ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ بَيتُ المَقدِس کان مَڪي تائين تمام منزِلن ۽ قُرَيش جي قافِلن کي به ڏٺو۔ اهي سمورا مرحلا طئي ٿيڻ کان بعد پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مسجدِ حرام ۾ پهچي جيئن ته اڃا رات جو ڪافي حِصّو باقي هو، آرام فرما ٿي ويا۔ هن دِلرُبا منظر جو نقشو پيش ڪندي اعليٰ حضرت،امامِ اَهلسُنّت مولانا شاھ احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه”حدائقِ بخشش“ ۾ تحرير فرمائن ٿا: