Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

آقا ڪريم جو سفرِ معراج

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ        وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                   وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ                               

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ  (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي اعتڪاف جي نيت ڪري وٺو، ڇوته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو۔ ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ يا سحري، افطاري ڪرڻ، ايستائين جو آبِ زم زم يا دَم ڪيل پاڻي پيئڻ جي به شرعاً اجازت ناهي، البت جيڪڏهن اعتڪاف جي نيت هوندي ته اهي سڀ شيون ضمناً جائز ٿي وينديون۔ اعتڪاف جي نيت به صرف کائڻ، پيئڻ يا سمهڻ جي لاءِ نه هئڻ گھرجي بلڪ ان جو مقصد اللہ  تعاليٰ جي رِضا هجي۔ ”فتاويٰ شامي“ ۾ آهي: جيڪڏهن ڪو مسجد ۾ کائڻ پيئڻ يا سمهڻ چاهي ته اعتڪاف جي نيت ڪري ۽ ڪجھ دير ذِڪرُاللہ ڪري پوءِ جيڪو چاهي (يعني هاڻي چاهي ته کائي پي يا سمهي سگھي ٿو)

دُرُود شريف جي فضيلت

حضرتِ سَيدُنا اُبَي بن ڪعْب رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه عرض ڪيو: يا رَسُولَ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان دُرُود جي ڪثرت ڪندو آهيان، مان پاڻ ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي دُرُود پڙھڻ جي لاءِ ڪيترو وقت مُقرَّر ڪيان؟ ''فرمايائون؛ ''جيترو چاهيو ڪيو۔ ''مون عرض ڪيو: ''چوٿائي؟'' فرمايائون، ''جيترو چاهيو ڪيو پر جيڪڏهن وڌيڪ دُرودِ پاڪ پڙھندو ته بهتر آهي۔''مون عرض ڪيو؛ ''نِصف؟'' فرمايائون؛ ''جيترو چاهيو پڙھو، پر وڌيڪ پڙھندؤ ته بهتر آهي۔'' عرض ڪيو،'' مان سمورو وَقت اوهان تي دُرودِ پاڪ پڙھندو رهندس۔'' فرمايائون،'' پوءِ ته اهو عمل تنهنجي پريشانين کي ڪفايت ڪندو ۽ تنهنجي مَغفِرت جو سبب بڻجي ويندو۔'' (مستدرڪ،ڪتا ب التفسير،باب اڪثر واعلي الصلوٰةالخ،۳/ ۱۹۸،رقم:۳۶۳۱ ملتقطاً)