Book Name:Fazail e Sadqat

(ٻارن ٻچن وارو) هو۔ گھر جي خرچ وغيره جي لاءِ اُن (پشم) جون رسيون ٺاهيندو هو ۽ انهن کي وڪڻي کائڻ پيئڻ جو سامان خريد ڪندو هو، جيترو ملي وڃي ان کي کائي اللہ  پاڪ جو شڪر ادا ڪندو هو۔ معمول مطابق هڪ ڀيري هو نيڪ شخص اُن جون رسيون وڪڻڻ بازار ويو۔ جڏهن رسيون وڪامجي ويون ته هو گھر وارن جي لاءِ کاڌي جو سامان خريدڻ لڳو۔ ايتري ۾ ان جو هڪ دوست ان وٽ آيو ۽ چيائين: مان سخت حاجت مند آهيان، مون کي ڪجھ رقم ڏي۔ ان رحم دل عبادت گذار شخص اها سڄي رقم ان غريب حاجت مند سوالي کي ڏئي ڇڏي ۽ پاڻ خالي هٿين گھر موٽي آيو۔ جڏهن گھر وارن پڇيو: کاڌو ڪٿي آهي؟ ته ان جواب ڏنو: مون سان هڪ حاجت مند سوال ڪيو، جيڪو اسان کان وڌيڪ حاجت مند هو، انڪري مون سڄي رقم ان کي ڏئي ڇڏي۔ گھر وارن چيو: هاڻي اسان ڇا کائينداسين؟ اسان وٽ ته گھر ۾ ڪجھ به نه آهي۔ هن نيڪ شخص گھر ۾ نگاھ ڦيرائي ته ان کي هڪ ٽٽل پيالو ۽ دِلو نظر آيو۔ ان اهي ٻئي شيون کنيون ۽ بازار ڏانهن ويو هن اُميد سان ته شايد انهن کي ڪو خريدي وٺي ۽ مان ڪجھ کاڌي لاءِ سامان وٺي اچان۔ پوءِ هو بازار پهتو پر ڪنهن به ان کان اهو ٽٽل پيالو ۽ دِلو نه خريد ڪيو۔ ايتري ۾ هڪ شخص لنگھيو جنهن وٽ هڪ خراب سڄيل مڇي هئي، مڇي واري چيائين: تون منهنجو خراب مال پنهنجي خراب مال جي بدلي خريدي وٺ يعني هي ٽٽل پيالو ۽ دِلو مون کي ڏي ۽ تون مون سان اها سڄيل خراب مڇي وٺ۔ ان عابد شخص اهو سودو منظور ڪري ورتو ۽ خراب مڇي وٺي گھر موٽي آيو ۽ گھر وارن جي حوالي ڪئي۔ جڏهن انهن ان مڇي کي ڏٺو ته چوڻ لڳا: اسان هن بيڪار مڇي کي ڇا ڪيون؟ ان عابد شخص چيائين: توهان ان کي ڀُڃي وٺو اسان ان کي ئي کائينداسين، اللہ  پاڪ جي ذات مان اُميد آهي ته هو مون کي رزق ضرور عطا ڪندو۔ پوءِ گھر وارن جڏهن مڇي جو پيٽ چيريو ته ان جي اندران هڪ نهايت قيمتي موتي (Pearl) نڪتو، گھر وارن عابد کي