Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

اَلْـحَمْـدُلـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ!عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي104 کان وڌيڪ شعبن ۾ دينِ جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي، جن مان هڪ شعبو (Department) مجلسِ تفتيشِ قرات و مسائل“ به آهي۔جنهن جو ڪم ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ ۾ دعوتِ اسلامي جي تحت مختلف ديني خدمتون انجام ڏيڻ وارن اسلامي ڀائرن جي تفتيش ڪرڻ آهي۔ ان تفتيش جو طريقو ڪار هي آهي ته سامهون يا انٽرنيٽ جي ذريعي امام سڳورن، مبلغن، مدرسن وغيره اسلامي ڀائرن جو قراءت ۽ شرعي مسئلن جي باري ۾ ٽيسٽ ورتو ويندو آهي۔ جنهن جو مقصد هي هوندو آهي ته ان اسلامي ڀائرن جي اخلاقي قابليت جي علاوه ضروري ديني ۽ تعليمي صلاحيت جانچي وڃي ته جيئن ديني خدمتن جي ادائيگي ۾ بهتر طريقي سان پنهنجا فرض سرانجام ڏئي سگھن۔ 2017 ۾ مختلف شعبن جا ڪم وبيش 15809 اسلامي ڀائرن جا ٽيسٽ ورتا ويا۔ جيڪي اسلامي ڀائر ان ٽيسٽ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھندا آهن انهن جي تربيت جو سلسلو به ٿيندو آهي۔

 اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں     اے دعوتِ اسلامی تیری دھوم مچی ہو !

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                            صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

     اللہ  ڪريم اسان کي خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي صدقي اِخلاص سان عبادت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                            صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

          مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: