Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

رکندا آهن ۽ نڪيرين جي سوال جو جواب سکاريندا آهن، (13) ان جي قبر کي روشن ۽ وسيع ڪندا آهن، (14) ان جي قبر ۾ بهشت جي پاسي دري کولي ڇڏيندا آهن۔ (15) (جيڪو شخص عبادت ڪندو آهي اهو) قيامت جي پريشانين کان محفوظ رهندو، (16) (جيڪو شخص عبادت ڪندو آهي ان جو) اعمال نامو ان جي ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو (17) (جيڪو شخص عبادت ڪندو آهي ) حساب ان جو آساني سان ٿيندو يا ملائڪ ان کان بلڪل حساب نه ڪندا، (18) (جيڪو شخص عبادت ڪندو آهي ملائڪ ان کي) پاڻي حوضِ ڪوثر جو پيئاريندا ان جي پيئڻ کان بعد اڃ ان جي ويجھو ڪڏهن نه ايندي۔ (19) (جيڪو شخص عبادت ڪندو آهي اهو) پُلِ صراط تان آساني سان گذري ويندو، (20) (جيڪو شخص عبادت ڪندو آهي ملائڪ) قيامت جي ڏينهن ان کي نور جي منبرن تي ويهاريندا ۽ عرش يا حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جهندي جي ڇانو ۾ جڳھ ڏيندا، (21) (جيڪو شخص عبادت ڪندو آهي ملائڪ ان کي) خدا جي ديدار سان مشرف ڪندا ۽ اها نعمت سڀني نعمتن کان افضل ۽ سڀ ڪرامتن کان اڪمل آهي۔ (الڪلام الاوضح ص ۳۲۸۔۳۲۹ملتقطاً)

عبادت میں  گزرے مری زندگانی

کرم ہو کرم یا خدا یا الٰہی

مسلماں ہے عطارؔ تیری عطا سے

ہو ایمان پر خاتِمہ یا الٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                              صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد