Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

اچو! انهن مان ڪجھ فائدا اسان به ٻڌون ٿا:

    (1) جيڪو شخص عبادت ڪري ٿو اهو خدا جي عابد ٻانهن ۾ داخل ٿيندو آهي ۽ ربّ تعاليٰ عابدن جي مدح ۽ ساراھ ڪري ٿو۔ (2) جيڪو شخص عبادت ڪندو آهي، اللہ  پاڪ ان سان محبت رکندو آهي (3) (جيڪو شخص عبادت ڪندو آهي اللہ  پاڪ) ان جا سڀ ڪم درست ڪري ٿو، (4) (جيڪو شخص عبادت ڪندو آهي اللہ  پاڪ) ان جي رزق جو ڪفيل هوندو آهي، (5) (جيڪو شخص عبادت ڪندو آهي اللہ  پاڪ) ان جي مدد ڪري ٿو ۽ دشمنن جي شر ۽ فساد کان محفوظ رکندو آهي، (6) (جيڪو شخص عبادت ڪندو آهي اللہ  پاڪ) ان جو مُونِس ٿي ويندو آهي ۽ وحشت ان جي دل کان پري ڪندو آهي، (7) (جيڪو شخص عبادت ڪندو آهي اللہ  پاڪ) مخلوق جي دل ۾ ان جي محبت پيدا ڪندو آهي جو ننڍا وڏا امير غريب چڱا بُرا ايستائين جو آسمان ۽ زمين جا چرند پرند ان سان محبت رکندا آهن۔ (8) (جيڪو شخص عبادت ڪندو آهي) برڪتِ عام ان کي عنايت ٿيندي آهي ايستائين جو ماڻهو ان جي ڪپڙن ۽ گھر مان تبرڪ (حاصل) ڪندا آهن ۽ فائدو وٺندا آهن، (9) (جيڪو شخص عبادت ڪندو آهي) اللہ  پاڪ جي بارگاهه ۾ ان کي اهڙي عزت حاصل ٿيندي آهي جو ماڻهو ان جي عزت ۽ برڪت کي پنهنجي حاجتن ۾ وسيلو ڪندا آهن ۽ ان جي تَوَسَّل ۽ شفاعت مان مُرادون ماڻيندا آهن، (10) (جيڪو شخص عبادت ڪندو آهي) موت جي سختي کان محفوظ رهندو آهي، (11) (جيڪو شخص عبادت ڪندو آهي) پروردگارِ عالَم ان کي ان وقت ايمان ۽ معرفت تي ثابت رکندو آهي ۽ شيطان جي وسوسي ۽ اغوا (ڌوڪي) کان بچائيندو آهي۔ (12) (جيڪو شخص عبادت ڪندو آهي ملائڪ) ان کي قبر جي فتني کان امن ۾