Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?
کي قبر ۽ حشر جي وڏن مُعاملن جي لاءِ تياري ڪرڻي پوندي، تنهنڪري هن وقت کي غنيمت سمجھندي قبر ۽ حشر جي تياري ۾ مشغول ٿي وڃو ۽ زندگي جو ڪو به لمحو فُضوليات ۾ برباد ڪرڻ بدران عبادت ۽ رياضت، قرآنِ پاڪ جي تلاوت، ذِڪرودُرود جي ڪثرت ۽ نيڪي جي دعوت ۾ گذارڻ جي ڪوشش ڪريو ڇوته اسان کي معلوم نه آهي ته ايندڙ گھڙي اسان زنده به رهنداسين يا موت هميشه جي لاءِ اسان کي گهري ننڊ سمهاريندو۔
اچو! غفلت کان بيدار ٿيڻ جي لاءِ رحمت ِعالم، نُورِمجسّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو نصيحت آموز فرمانِ عاليشان ٻڌو: جيئن اِرشاد فرمايائون : اِغْتَنِمْ خَمْساً قَبْلَ خَمْسٍ ‘‘ پنجن شين کي پنجن شين کان پهريون غنيمت ڄاڻو!(1)شَبَابَک قَبْلَ هرَمِک، جواني کي پوڙهائپ کان پهريان۔ (2)وَصِحَّتَک قَبْلَ سَقَمِک، صحت کي بيماري کان پهريان (3)وَغِنَاک قَبْلَ فَقْرِک، مالداري کي تنگدستي کان پهريان۔(4) وَفَرَاغَک قَبْلَ شُغْلِک، واندڪائيءَ کي مصروفيّت کان پهريان (5) وَحَياتَک قَبْلَ مَوْتِک ۽ زندگي کي موت کان پهريان۔ (اَلْمُسْتدْرڪ ،ڪتاب الرقاق،۵ /۴۳۵ ،حديث: ۷۹۱۶ )
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي به پنهنجي زندگي جي اصل مقصد کي ذِهن نشين رکندي صحت مند جسم ۽ جواني کي ڪنهن بيماري معذوري يا پوڙهائپ کان پهريان غنيمت سمجھندي نيڪين جو ذِخيرو گڏ ڪرڻ گھرجي۔ اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڄي سڄي رات عبادتِ الٰهي ۾ مصروف رهندا هئا ۽ گهڻي قيام جي ڪري سندن قدم مبارڪ سُڄي ويندا هئا۔ حضرت سَيدَتُنا عائشه صِدّيقه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها فرمائن ٿيون: رسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ نماز ۾ ايتري قدر قيام ڪندا هئا جو پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا مُبارڪ پير سُڄي پوندا هئا۔ (هڪ ڏينهن) حضرت عائشه صِدّيقهرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها