Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?
جو اظهار نه ڪريون ايستائين چين ناهي ايندو ۽ ٻين کان بهتر تصور ڪندي پاڻ کي نيڪ پرهيزگار سمجھڻ لڳندا آهيون۔ ياد رکو! شيطان هزارين سال عبادت ڪئي ۽ مُعَلِّمُ المَلَڪوت يعني ملائڪن جو اُستاد (Teacher) به رهيو، پر صرف تڪبُّر ۽ حڪمِ الٰهي جي نافرماني جي ڪري ان جي سالن جون عِبادتون بي ڪار ۽ هزارين سالن جو رِياضتون ضايع ٿي ويون، ذلّت ۽ رُسوائي ان جو مُقدّر بڻجي، هميشه هميشه جي لاءِ لعنت جو طُوق ان جي گلي ۾ پئجي ويو ۽ هو ايمان جي دولت وڃائي هميشه جي لاءِ عذابِ نار جو حقدار بڻجي ويو۔ هاءِ! اسان ته خبر ناهي ڏينهن ۾ ڪيتري ڀيرا پنهنجي رَبّ جون نافرمانيون ڪريون ٿا، سڄو ڏينهن گناهن جو سلسلو جاري رهندو آهي، نفلي عبادت ته ڇا فرض عبادت تائين به نٿا ڪريون جڏهن ته اسان جي پيدائش جو مَقصد ئي رَبِّ ڪريم جي عبادت ڪرڻ آهي جيئين ته سيپارو 27 سُورَة الذّٰرِيٰت آيت نمبر 56 ۾ ارشادِ باري آهي ۔
وَ مَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَ الْاِنْسَ اِلَّا لِیَعْبُدُوْنِ(۵۶) (پ۲۷، الذّرِيٰت:۵۶)
ترجموڪنزُالايمان: ۽ مان جِن انسان فقط انهيءَ لاءِ پيدا ڪيا جو منهنجي بندگي ڪن
اهڙي طرح سيپارو 29 سُورَۃُالْمُلْڪ آيت نمبر 2 ۾ هن مَقصد کي ائين بيان ڪيو ويو آهي :
الَّذِیْ خَلَقَ الْمَوْتَ وَ الْحَیٰوةَ لِیَبْلُوَكُمْ اَیُّكُمْ اَحْسَنُ عَمَلًاؕ-وَ هُوَ الْعَزِیْزُ الْغَفُوْرُۙ(۲) (پ:۲۹، المُلڪ:۲)
ترجموڪنزُالايمان: اهو جنهن موت ۽ زندگي کي پيدا ڪيو ته جيئن توهان جو امتحان ٿئي ته توهان مان ڪنهن جا ڪم وڌيڪ بهتر آهن.
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل ٻنهي آيت سڳورين ۾ انساني پيدائش جي اصل مَقصد کي بيان ڪيو ويو آهي۔ هن مقصد ۾ ڪاميابي جي لاءِ اِنسان کي هن دنيا ۾ نهايت مُختصر وَقت جي لاءِ موڪليو ويو آهي ۽ انهيء وقت ۾ ان