Book Name:Jhagray Ke Nuqsanaat
سمجھي ٿو ته لڙائي جڳھڙو ڪرڻ ۾ ڪا ڀلائي نه آهي بلڪ نقصان ئي نقصان آهي، جھيڙن جھٽن جو نقصان صِرف وڙهڻ وارن جي ذات تائين ئي مَحدود ناهي رهندو بلڪ انهن جون تباھ ڪاريون اهڙن سان وابسته اَفراد تي به نهايت بُرو اثر پوندو آهي۔ اڄوڪي دور ۾ زال مڙس جو جھيڙو ان جو هڪ واضِح مثال آهي، جيئن ته
زال مڙس جي جھيڙن سبب ٿيڻ وارا نقصان
ڪٿي مڙس کي زال سان شڪايت آهي ته ڪٿي زال مڙس کان بيزار آهي۔ روز روز جي جھيڙي سبب نه صِرف خود انهن جي پنهنجي زِندگي تڪليف ڏيندڙ ٿي ويندي آهي بلڪ ان جا بُرا اَثر انهن جي اَولاد تي به پوڻ لڳندا آهن، اَولاد جي دل ۾ نه پيءُ جو اَدب رهندو آهي نه ماءُ جي عزّت۔ ان نا اِتِّفاقي جو هڪ وڏو سبب اهو به هوندو آهي ته مرد ۽ عورت هڪ ٻئي جي حقن جي رِعايت نه ڪري سگھندا آهن ۽ ننڍين ننڍين غَلَطين (Mistakes) کي پنهنجي نفساني ضِد جو مسئلو ٺاهيندا آهن۔ مَرد چاهيندو آهي ته عَورت نوڪرياڻي وانگر رهي ۽ عَورت چاهيندي آهي ته مَرد منهنجو غُلام بڻجي رهي، منهنجي اِشارن تي هلي وغيره وغيره۔ ٿورو سوچيو ته جڏهن زال مڙس جا وچ ۾ اهڙا بُرا خيال پيدا ٿيندا ته پوءِ زندگي ڪيئن امن ۾ گذري سگھندي؟۔
زال مڙس جي لڙائي جي سبب انهن جي ٻارن جو مستقبل داؤ تي لڳي ويندو آهي، ان جي ذهني صلاحتين کي زَنگ لڳي ويندو آهي، اهڙن جي نصيحت ٻارن تي اَثر انداز ناهي ٿيندي، والِدَين کي وڙهندو ڏسي اهي به مار ڪُٽ ڪرڻ سکي ويندا آهن، انهن جو ڌيان تعليم ڏانهن گھٽ جڏهن ته جھيڙن جھٽن ڏانهن وڌي ويندو آهي، مطلب ته روز روز جي جھيڙن سبب سڄي گھر جو ماحول تباھ ۽ برباد ٿي رهجي ويندو آهي ۽ نيٺ ان جھيڙي جو نتيجو طلاق جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي۔ زال مڙس جي جُدائي شيطان کي ڪيتري قدر خوش ڪندي آهي ان جو اَندازو هن حديثِ پاڪ مان لڳايو،