Jhagray Ke Nuqsanaat

Book Name:Jhagray Ke Nuqsanaat

عشقِ رسول انهن جي رڳ رڳ ۾ سمائجي چڪو هو ۽ جيڪڏهن ڪو بنا سبب انهن سان جھيڙو به ڪندو هو ته هو اللہ  وارا حق تي هئڻ باوُجود ان سان وڙهندا نه هئا بلڪ مُعامَلي کي خوش اُسلوبي سان حل ڪري وٺندا هئا، انهن جي هن شاندار طرزِ عمل کان مُتاثِّر ٿي انهن جو مُخالِف به جھيڙو ڇڏي صُلح تي راضي ٿي ويندو هو۔ اچو! هن باري ۾ هڪ اِيمان افروز حڪايت ٻڌو ۽ خوش ٿيو، جيئن ته

مان توسان نه وڙهندس!

”اِحياءُ الْعلوم“ جلد 3 صَفحي نمبر 362 تي آهي: حضرت سَيدُناسالِم بن قُتَيبَه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بَيان ڪن ٿا ته حضرت بشير بن عُبَيدُاللہ  بن ابو بَڪرَه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مون وٽان لنگھيا ته اِرشاد فرمايائون: اوهان هٿي ڇو ويٺا آهيو؟ مون عَرض ڪيو: هڪ جھيڙي جي سبب جيڪو منهنجي ۽ سوٽ جي وچ ۾ هلي رهيو آهي۔ اُنهن چيو: اوهان جي والِد جو مون تي ڪجھ اِحسان آهي ۽ مان چاهيان ٿو ته ان جو بدلو ادا ڪيان۔ (پوءِ چيائون:) مون جهيڙي کان وڌيڪ ڪا شيء دين کي کسڻ واري، اخلاق کي گھٽ ڪرڻ واري، لذت کي ختم ڪرڻ واري ۽ دل کي مشغول ڪرڻ واري ناهي ڏٺي۔ اهو ٻڌي مان وڃڻ جي لاءِ اٿيس ته منهنجي سوٽ چيو: ڇا ٿيو؟ مون چيو: مان توسان نه وڙهندس۔ ان چيو: تو ڄاڻي ورتو ته مان حق تي آهيان؟، مون چيو: نه۔ پر مان پاڻ کي ان کان بچائڻ چاهيان ٿو۔ ان چيو: مان توکان ڪجھ به نٿو گھران، (پوءِ جنهن شيءَ جي باري ۾ انهن جو جھيڙو هلي رهيو هو ان کي ان ڏانهن وڌائيندي چيو) اها توهان جي آهي۔ (احياء العلوم،۳/۳۶۲،ملخصاً)

نہیں سرکار! ذاتی دشمنی میری کسی سے بھی       مِری ہے نفس و شیطاں سے لڑائی یارسولَ اللہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقيناً هر عقلمند شخص هن ڳالھ کي چڱي طرح