Book Name:Jhagray Ke Nuqsanaat
آهي۔ (جهنم ميں لے جانے والے اعمال،۲/٦٧٤) (جھڳڙن جي) ننڍي مصيبت اها آهي ته جھڳڙالو شخص نماز ۾ هوندو آهي پر ان جي دل جھيڙن جھٽن ۾ مشغول هوندي آهي۔ (جهنم ميں لے جانے والے اعمال،۲/٧٠٦ ملخصاً)
ڪيترا نادان آهن اهي مسلمان جن جو ناحق جھيڙو ڪرڻ بغير گزارو ناهي ٿيندو، اهڙن کي ڊڄڻ گھرجي ته جھيڙن جھٽن جي سبب جيڪڏهن اللہ پاڪ ناراض ٿي ويو ته ڪٿي ذلّت ۽ رُسوائي مُقَدَّر نه بڻجي وڃي۔ تنهنڪري ڀلائي انهيءَ ۾ آهي ته انسان جھيڙن جھٽن جي نُقصانن کي پنهنجي پيشِ نظر رکي ۽ جھيڙي جھٽي کان بچندو رهي۔ بالفرض جيڪڏهن ڪو بنا سبب اسان سان وڙهي به ته اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪندي حق تي هئڻ جي باوُجُود جھيڙي کان پري رهون۔ ياد رهي! جيڪو خوش نصيب حق تي هئڻ جي باوُجُودجھيڙو ناهي ڪندو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جو ٻيڙو پار آهي،
نبي اڪرمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جيڪو حق تي هئڻ جي باوجود جهيڙو نه ٿو ڪري، مان ان جي لاءِ جنّت جي (اندروني) ڪناري ۾ هڪ گهر جو ضامن آهيان. (ابوداود،۴ / ۳۳۲ حديث: ۴۸۰۰)
اميرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه بارگاھ الٰهي ۾ عَرض ڪن ٿا:
ہر وَقْت جہاں سے کہ اُنہیں دیکھ سکوں میں جنّت میں مجھے ایسی جگہ پیارے خُدا دے
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بَيان ڪيل حديثِ پاڪ کي سامهون رکندي جيڪڏهن اسان بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين جي زندگي جو مُطالَعو ڪريون ته اها حقيقت روشن ڏينهن وانگر اسان تي واضِح ٿي ويندي ته اهي حضرات هن حديثِ پاڪ تي پُوري طرح سان عمل ڪندا هئا ۽ جھيڙن جھٽن کان هميشه پري رهندا هئا، ڇوته اهي حضرات صرف نالي جا عاشِقِ رسول نه هئا بلڪه