Jhagray Ke Nuqsanaat

Book Name:Jhagray Ke Nuqsanaat

چار(4) فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو ۽ عبرت جا مَدَني گل چونڊيو:

لڙائي جهڳڙن جي مذمت بابت چار فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

(1) فرمايائون: اللہ  پاڪ وٽ سڀ کان ناپسنديده شخص اهو آهي جيڪو تمام گھڻو جھڳڙالو هجي۔ (بخاري، ڪتاب المظالم، باب قول اﷲ تعالي:وهو الد الخصامِ،۲/ ۱۹۳،حديث:۲۴۵۷)

(2) فرمايائون: جيڪو شخص اجايو جھيڙا ڪندو آهي، اهو هميشه اللہ  پاڪ جي ناراضي ۾ هوندو آهي، ايستائين جو ان کي ڇڏي ڏي۔ (موسوعۃ لابن ابي الدنيا، ڪتاب الصَّمْت وآداب اللِّسان، باب ذم الخصومات،۷/۱۱۱، حديث: ۱۵۳)

(3) فرمايائون: ڪا قوم هدايت تي رهڻ کان بعد گمراه ناهي ٿيندي پر جھيڙن جي سبب۔   (ترمذي ، ڪتاب التفسير، باب ومن سورة الزخرف،۵/ ۱۷۰،حديث :۳۲۶۴)

(4) فرمايائون: ٻانهو اِيمان جي حقيقت ۾ ان وَقت تائين ڪمال کي نٿو پهچي سگھي جيستائين هو حق تي هئڻ جي باوُجود جھيڙو نه ڇڏي ڏي۔ (موسوعة ابن ابي الدنيا، ڪتاب الصمت ،۷/ ۱۰۱، حديث : ۱۳۹)

کوئی دُھتکارے یا جھاڑے بلکہ مارے صَبْر کر    مَت جھگڑ ،مت بَڑبَڑا ، پا اَجر ربّ سے صَبْر کر

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حديثِ سڳورين مان معلوم ٿيو ته جھڳڙالو شخص کي اللہ  پاڪ پسند ناهي ڪندو، جھيڙو ڪرڻ وارو اللہ  پاڪ جي ناراضي کڻندو آهي، جھيڙو ڪرڻ گمراهي جي اونهي کڏ ۾ ڌڪيندو آهي ۽ حق تي هئڻ جي باوُجود جھيڙو ڪرڻ وارو ان وَقت تائين اِيمان جي حقيقت ۾ ڪامِل ناهي ٿي سگھندو جيستائين جھيڙو نه ڇڏي ڏي۔

جھيڙي جون آفتون

حضرت سَيدُنا امام اِبنِ حَجَر مَڪي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جھڳڙا جيتوڻيڪ حق ڳالھ تي ٿين پوءِ به اُنهن جي ڪثرت ناجائز ڪمن ۾ مُبتَلا ڪري ڇڏيندي