Jhagray Ke Nuqsanaat

Book Name:Jhagray Ke Nuqsanaat

جي گواهي ڏيندو ته اڄ شيطان پنهنجي هن وار ۾ ڪامياب ٿيندو نظر پيو اچي، مثال طور ڪٿي ذات ۽ نسل تي جھيڙو ٿي رهيو آهي ته ڪٿي تَعَصُّب جي ڪري لٺيون هلي رهيون آهن، ڪٿي اِداري وارن سان گار گند جو سلسلو آهي ته ڪٿي استاد ۽ شاگردن پاڻ ۾ ڳنڍيا پيا آهن، ڪٿي زال مڙس جي وچ ۾ جھڳڙو زور پيو پڪڙي، ته ڪٿي سس ننهن ۾ تَلخ ڪلامي جاري آهي، ڪٿي دڪاندار ۽ ڪاروباري حصّيدار پاڻ ۾ ٻکين پئجي ويا آهن ته ڪٿي مالڪ مڪان ۽ ڪرائيدارن ۾ هاٿا پائي ٿي رهي آهي، ڪٿي ڪنڊيڪٽر ۽ سُوارين ۾ لڙائي جهڳڙو هلي رهيو آهي ته ڪٿي ٺھيلو لڳائڻ وارن ۾ ضد بحث هلي رهي آهي، ڪٿي ڊاڪٽر ۽ مريض هڪٻئي کان بي صبري جو مظاهرو ڪري رهيا آهن ته ڪٿي ٺيڪيدار ۽ ملازم پاڻ ۾ بحث تڪرار ڪري رهيا آهن، ڪٿي پاڙيسري هڪ ٻئي جي رت جا پياسا آهن ته ڪٿي رشتيدارن ۾ خانه جنگي جو ماحول گرم آهي، ڪٿي امام ۽ مقتدين ۾ دُوريون وڌنديون پيون وڃن ته ڪٿي مسجد ڪميٽي ۽ نمازي حضرات پاڻ ۾ ٻه ٻه هٿ ڪرڻ ۾ مصروف آهن، ڪٿي سالن جي دوستن (Friends) ۾ اڻبڻت ٿي پئي آهي ته ڪٿي سڄو گھر ئي ميدانِ جنگ بڻيل آهي۔ جيڪڏهن اسان قُرآني اَحڪام کي نظر انداز نه ڪريون ها، جيڪڏهن اسان رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمانن تي عمل ڪيون ها، جيڪڏهن اسان پنهنجن بُزرگانِ دينرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين جي اِرشادن مان نصيحت جا مَدَني گل گڏ ڪريون ها، جيڪڏهن اسان عُلَماءِ حق جي دامنِ ڪرم سان وابسته رهون، جيڪڏهن اسان جھيڙن جھٽن جي تباھ ڪارين کي پيشِ نظر رکون ها ته اڄ اسان جو معاشرو به اَمن ۽ سڪون وارو بڻجي وڃي ها۔

 

درسِ قرآں اگر ہم نے نہ بُھلایا ہوتا        یہ زمانہ نہ زمانے نے دِکھایا ہوتا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! لڙائي جهڳڙن جي تباھ ڪارين تي مُشتَمِل