Book Name:Jhagray Ke Nuqsanaat
آهي۔ پوءِ لڙائي جھڳڙي جو نقصان اهو ٿيندو آهي ته ڪلهه تائين جيڪي هڪ ٻئي تي جان قربان ڪرڻ جي دعوي ڪندا هئا، جيڪي هڪ ٻئي جي عزت جا مُحافِظ هئا، جن جي دوستي ۽ انهن جي اِتِّفاق ۽ ٻَڌي جا مثال ڏنا ويندا هئا، جنهن کي هڪ ٻي جي خلاف هڪ لفظ ٻڌڻ به پسند نه هو، جيڪي هڪ ٻي جي بنا کاڌو نه کائيندا هئا، جيڪي بُري وَقت ۾ هڪ ٻئي جا مددگار هئا، جيڪي هڪ ٻئي کي نيڪي جي ڪمن جون ترغيبون ڏياريندا هئا، لڙائي جھڳڙي جهڙي مَنحوس شيطاني ڪم جي نَحوست جي سبب انهن جي وچ ۾ نفرتن جو اهڙيون مضبوط ديوارون قائم ٿي وينديون آهن جو وري اهي هڪ ٻئي کي ڏسڻ به پسندا ناهن ڪندا۔ ائين سمجھو ته جهڙي طرح باھ (Fire) گھرن، فيڪٽرين، ڪمپنين، گودامن، جنگلن، ڳوٺن، ۽ مختلف شين کي ڪلاڪن بلڪه مِنٽن ۾ ساڙي تباھ ۽ برباد ڪندي آهي، اهڙي طرح پُر رونق ۽ خوشحال ملڪن، شهرن، نسلن، قومن، گھرن، خاندانن، ادارن ۽ تنظيمن جو اَمن تباھ برباد ڪرڻ ۽ دلين ۾ نفرتن جو ٻج ڇٽڻ ۾ اڪثر لڙائي جھڳڙن جون تباھ ڪاريون ئي سبب ٿينديون آهن۔ شيطان جي هن خطرناڪ وار کان خَبردار ڪندي سيپاري 15سُورهٔ بَني اِسرائيل جي آيت نمبر 53 ۾ اللہ ڪريم اِرشاد فرمائي ٿو:
اِنَّ الشَّیْطٰنَ یَنْزَغُ بَیْنَهُمْؕ-اِنَّ الشَّیْطٰنَ كَانَ لِلْاِنْسَانِ عَدُوًّا مُّبِیْنًا(۵۳)
ترجموڪنزالايمان: بيشڪ شيطان اُنهن جي وچ ۾ فساد وِجھي ٿو، بيشڪ شيطان ماڻهؤَ جو کُليل دشمن آهي.
اهڙي طرح سيپارو 7 سُوْرَۃُ الْمائِدَۃ جي آيت نمبر91 ۾ ارشادِ رحمٰن آهي:
اِنَّمَا یُرِیْدُ الشَّیْطٰنُ اَنْ یُّوْقِعَ بَیْنَكُمُ الْعَدَاوَةَ وَ الْبَغْضَآءَ (پ 7 المائدة 9)
ترجموڪنزالايمان: شيطان ته اهو گُهري ٿو توهان ۾ وير ۽ دُشمني وجهي ڇڏي
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل آيت سڳورين کي سامهون رکندي جيڪڏهن اسان پنهنجي معاشَري تي نظر وجھون ته اسان جو ضمير هن ڳالھ