Book Name:Jhagray Ke Nuqsanaat
آهي۔ ان شخص حَيرت وچان پڇيو: اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟ شيطان چيو: هي سامهون جيڪو شهر آهي ان کي منهنجي اها آڱر ٿوري دير ۾ تباھ برباد ڪري ڇڏيندي ۽ ماڻهو جھيڙو جهٽو پاڻ ئي ڪرڻ شروع ڪندا۔ شيطان ان شخص سان گڏ شهر ۾ داخل ٿيو، هڪ بازار ۾ حلوائي کنڊ ڳاري ان جو شِيرو بنائڻ جي لاءِ ان کي هڪ وڏي ٿانوَ ۾ گرم ڪري رهيو هو۔ شيطان شيري ۾ آڱر وجھي ٿورو شيرو ڪڍيو ۽ ان کي ديوار تي لڳائيندي چيائين: هاڻي ڏسجان اهو شهر ڪيئن تباھ ٿئي ٿو، پوءِ ان ديوار تي لڳل شيري تي مکيون اچي ويٺيون، مکين جو هجوم ڏسي هڪ ڪِرِڙِي انهن تي جهپو ڏيڻ جي لاءِ ديوار تي چڙھي۔ حلوائي جي هڪ ٻلّي هئي، ان ٻلّي (Cat) ڪِرِڙِي کي ڏٺو ته ان تي حملو ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي وئي، ٻه (2) فوجي بازار مان گُذري رهيا هئا جن سان گڏ انهن جو ڪتو به هو، ڪتّي ٻلّي کي ڏٺو ته هڪ دم ان تي حملو ڪري ڇڏيو، ٻلّي ڀڄڻ جي لاءِ ٽپو ڏنو ته سڌو وڃي شيري جي ٿانوَ ۾ وڃي ڪري ۽ مري وئي۔ حلوائي پنهنجي ٻلّي کي مرندي ڏٺو ته ڪتّي کي ماري وڌو، اهو منظر ڏسي فوجين حلوائي کي هلاڪ ڪري ڇڏيو۔ حلوائي جي عزيزن کي خبر پئي ته انهن فوجين کي ماري وڌو، جڏهن فوج کي پنهنجن ٻن (2) فوجين جي مَوت جو پتو پيو ته فوج (غُصّي ۾) اچي سڄي شهر کي تباھ برباد ڪري ڇڏيو۔ (شيطان ڪي حڪايات،ص۱۵۰ملخصاً)
مسلماں مسلمان کے خوں کا پیاسا ہُوا وَقْت آیا عجب یاالٰہی
سبھی ایک ہو جائیں اِیمان والے پئے شاہِ عالی نَسب یاالٰہی
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل لرزه خيز حڪايت مان
معلوم ٿيو ته ماڻهن جي وچ ۾ فتنو ۽ فَساد ڪرائڻ، انهن ۾ نفرتن جون ديوارون بيهارڻ
۽ اُنهن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ شيطان جو پسنديده ڪم آهي۔ شيطان مَردُود ڪنهن نموني جھيڙي
جو ماحول پيدا ڪري پوءِ پاڻ پويان هٽي تماشائي بڻجي ويندو