Jhagray Ke Nuqsanaat

Book Name:Jhagray Ke Nuqsanaat

جن اِرشاد فرمايو: مُسلمانن جي وچ ۾ صُلح ڪرائڻ جائز آهي پر اها صُلح (جائز ناهي) جيڪا حَرام کي حَلال يا حَلال کي حرام ڪري۔ (ابوداود، ڪتاب الاقضية، باب في الصلح،۳/۴۲۵،حديث:۳۵۹۴) مَشْهور مُفَسِّرِ قُرآن،حڪيمُ الاُمَّت مُفتِي اَحمد يار خان نَعِيمي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه هن حديثِ پاڪ جي تَحت فرمائن ٿا: مثال طور زَوجَين (زال مڙس) ۾ اهڙي طرح صُلح ڪرائي وڃي جو مڙس ان عَورَت جي پهاڄ (پنهنجي ٻي زال) وٽ نه ويندو يا مُسَلمان مَقرُوض ايتري مقدار ۾شراب ۽ وياج پنهنجي غير مُسلِم قَرْض ڏيندڙ کي ڏيندو۔ پهرين صُورت ۾ حَلال کي حرام ڪيو ويو، ٻي صُورت ۾ حَرام کي حَلال، ان قِسَم جو صُلح ڪرائڻ حَرام آهي جنهن کي ٽوڙڻ واجِب آهي۔ (مرآة المناجيح، ۴/۳۰۳ )

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں اور آداب“ ان کان علاوه امير اهلسنت جا ٻه رسالا ”101مدني گل“ ۽ ”163مدني گل“ مڪتبة المدينه جي بستي تان هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهو. سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.  

’’قافلے‘‘ کو جو ہر وقت تیّار ہے       مرحبا اس سے عطارؔ کو پیار ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ6 درود شريف ۽ 2 دعائون