Book Name:Jhagray Ke Nuqsanaat
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مسلمانن جي وچ ۾ صُلح ڪرائڻ سُنّتِ اِلهٰيه آهي۔ (فيصله کرنے کے مدنی پھول، ص۳۱ملخصاً) حديثِ پاڪ ۾ آهي: مخلوق ۾ صُلح ڪرايو ڇوته اللہ ڪريم به بروزِ قيامت مسلمانن ۾ صُلح ڪرائيندو۔ (مستدرڪ، ۵/۷۹۵, حديث:۸۷۵۸) مسلمانن جي وچ ۾ پيار ۽ محبت پيدا ڪرڻ ۽ صُلح ڪرائڻ پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي (به) سُنّت آهي۔ (صراط الجنان،۲/۱۹) جيئن نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اَوس ۽ خَزرَج ٻن قبيلن جي وچ ۾ صُلح ڪرائي۔ (در منثور، اٰل عمران، تحت الآيۃ: ۱۰۰، ۲/۲۷۹ماخوذاً) ڪوڙ ڳالهائي ٻن مَردن يا مَرد ۽ عورت جي وچ ۾ صُلح ڪرائڻ جائز آهي۔ (جهنم میں لے جانے والے اعمال،۲/۷۱۳) جيئن حديثِ پاڪ ۾ آهي: ڪوڙ ڪٿي ٺيڪ ناهي پر ٽن جڳهن ۾: (1) مَرد جو پنهنجي عورت کي راضي ڪرڻ جي لاءِ (ڪوڙي) ڳالھ ڪرڻ، (2) لڙائي ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ (3) ماڻهن جي وچ ۾ صُلح ڪرائڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ۔ (ترمذي،ڪتاب البر والصلۃ،باب ماجاء في إصلاح ذات البين،حديث: ۱۹۴۵،۳ / ۳۷۷) ٽن صورتن ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ جائز آهي يعني ان ۾ گناھ ناهي: (1) جڏهن ظالِم ظلم ڪرڻ چاهيندو هجي ته ان جي ظلم کان بچڻ جي لاءِ به جائز آهي۔ (2) ٻن مسلمانن ۾ اِختلاف آهي ۽ هي انهن ٻنهي ۾ صُلْح ڪرائڻ چاهي ٿو مثال طور هڪ جي سامهون هي چوي ته اهو توکي سٺو سمجھي ٿو، تنهنجي تعريف ڪندو هو، ان توکي سلام چورائي موڪليو آهي، ۽ ٻي وٽ به اهڙيون ڳالهيون ڪري ته جيئن ٻنهن ۾ عداوت (دشمني) گھٽ ٿي وڃي ۽ صُلح ٿي وڃي۔(3) (مڙس پنهنجي) زال کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ڪا ڳالھ خلافِ واقع چوي۔ (بهارِ شريعت،۱۶/۵۱۷ملتقطاً) جيڪو شخص ماڻهن ۾ صُلح ڪرائيندو آهي اللہ پاڪ ان کي هر ڪلِمي جي بدلي هڪ غلام آزاد ڪرڻ جو ثواب عطا ڪندو آهي ۽ ان جا اڳوڻا (صغيره) گناھ معاف ڪندو آهي۔ (الترغيب والترھيب،ڪتاب الادب، باب اصلاح بين الناس، رقم: ۹،۳/۳۲۱ ملتقطاً) سڀ کان افضل صَدقو رُٺل ماڻهن ۾ صُلح ڪرائڻ آهي۔ (التر غيب والترهيب، ڪتاب الادب،با ب اصلاح بين الناس ،۳/۳۲۱,حديث: ۶) عمده اخلاق ۽ چڱن عملن مان ماڻهن ۾ صُلح ڪرائڻ به آهي۔ (احياء العلوم، ۲/۱۲۶۶) حُضورِ اَقدَس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ