Jhagray Ke Nuqsanaat

Book Name:Jhagray Ke Nuqsanaat

٭    جھيڙا جھٽا ڪرڻ ڪرائڻ شيطان کي تمام گھڻو پسند آهي۔

٭    جھيڙا جھٽا ملڪ ۽ ملّت جي لاءِ اِنتهائي نقصان ده آهن۔

٭    جھيڙا جھٽا گھرن ۽ خاندانن جي بربادي جو سبب آهن۔

٭    جھيڙا جھٽا ڪرڻ اللہ  پاڪ کي ناراض ڪري ٿو۔

٭    جھيڙا جھٽا ڪرڻ گمراهي جو سبب آهي۔

٭    جھيڙا جھٽا فتنن جا دروازا کوليندا آهن۔

٭    جھيڙا جھٽا دِين ۽ دنيا جي بربادي جو سبب آهن۔

٭    جھيڙا جھٽا نعمتن کان محروم ڪرائيندا آهن۔

 اللہ  ڪريم تمام مسلمانن کي جھيڙن جھٽن کان بچڻ ۽ پاڻ ۾ پيار ۽ مَحَبَّت سان رهڻ جي تَوفيق نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سُنَّتیں عام کریں دِین کا ہم کام کریں       نیک ہوجائیں مُسَلمان مدینے والے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵