Book Name:Jhagray Ke Nuqsanaat
ڪرڻ گھرجي پوءِ گھر وارن کي سلام ڪندي گھر ۾ اچون۔ جيڪڏهن گھر ۾ ڪو نه هجي ته اَلسَّلامُ عَلَيک اَيُّهاَ النَّبِي وَ رحْمَۃُ الله وَ بَرَکاتُه ٗ چئجي۔ بعض بُزرگن کي ڏٺو ويو آهي ته ڏينهن جي ابتِداء ۾ گھر ۾ داخِل ٿيڻ وقت بِسْمِ الله الرَّحْمٰنِ الرَّحِيم ۽ قُلْ ھُوَ الله شريف پڙھي وٺندا آهن ته ان سان به گھر ۾ اِتِّفاق رَهندو آهي (يعني جھيڙو ناهي ٿيندو) ۽ روزي ۾ بَرَڪت به۔ (مرآۃالمناجيح،۶/۹) (2) جھيڙن جھٽن کان نجات ماڻڻ جي لاءِ بارگاھ الٰهي ۾ ٻاڏايو ۽ پنهنجن هٿن کي بلند ڪري اَشڪبار اکين سان جھيڙن جھٽن کان نجات جي دُعا گھرو۔ (3) جھيڙن جھٽن کان بچڻ جون فضيلتون ۽ لڙائي جھيڙو ڪرڻ جي نُقصانن تي مشتمل اَحاديث، رِوايات، وَاقعات ۽ بزرگنِ جي اَقوالن کي بار بار پڙھو۔ (4) پنهنجي اندر عاجزي و اِنڪساري پيدا ڪريو۔(5) جهڳڙالو دوستن جي صحبت کان بچو۔(6) پنهنجي ڪاوڙ کي قابو ۾ رکو۔(7) رِسالو ”ظلم جو انجام“، ”احترامِ مسلم“، ”غصّي جو علاج“ ۽ ڪتاب ” تڪليف نه ديجئے“ جو مطالعه ڪريو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ جھيڙن جھٽن کان بچڻ جو ذهن بڻجي ويندو ۔
شيخِ طريقت،اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادِرِي رَضَوِي ضيائيدَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه اسان جي تربيت ڪندي، نصيحت جا مدني گل عنايت ڪندي فرمائن ٿا:
تُو نرمی کو اپنانا جھگڑے مٹانا رہے گا سدا خُوشْنُما مَدَنی ماحول
تُو غُصّے جھڑکنے سے بچنا وگرنہ یہ بدنام ہوگا تِرا مَدَنی ماحول
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بَيان ۾ اسان ٻڌو ته