Book Name:Jhagray Ke Nuqsanaat
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: ”نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ “ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .
(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)
ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.
(2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.
٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبةُ المدينه جي ڪتاب ”نيڪياں برباد هونے سے بچائيے“ جي صَفحي نمبر 86 تي هڪ نهايت سبق آموز حڪايت موجود آهي۔ اچو! اها حڪايت ٻڌو، ۽ عبرت ۽ نصيحت جا مدني گل گڏ ڪريو، جيئن
هڪ شخص شيطان کي هن حال ۾ ڏٺو جو هو پنهنجي آڱر بلند ڪري وڃي رهيو هو۔ اُن شيطان کان پڇيو: اهو تون پنهنجي آڱر بلند ڪري ڇو پيو وڃين؟ شيطان چيو: مان پنهنجي آڱر سان وڏا ڪم ڪندو آهيان، ماڻهو جيڪي پاڻ ۾ جھيڙو جھٽو ۽ فِتنو فَساد ڪندا آهن اهو سڀ هن آڱر جو ڪمال