Jhagray Ke Nuqsanaat

Book Name:Jhagray Ke Nuqsanaat

باقاعده تنظيمي طور تي عَمَلي جامو پارائيندي آهي پراڻا اسلامي ڀائر جيڪي اڳ ۾ ايندا هئا پر هاڻ نٿا اچن انهن کي مَدَني ماحول ۾ فَعال ڪري ”مسجد ڀريو تحريڪ“ ۾ شامل ڪرڻ، انهن کان پهريان ئي وَقت وٺي اِنفِرادي طور تي دُڪان، گھر يا دفتر وڃي ملاقات ڪرڻ، انهن کي سُنّتن ڀري اِجتماعن ۽ مَدَني مذاڪرن ۾ اچڻ جو ذهن ڏيڻ، اِجتماعي اِعتڪاف ۽ مَدَني ڪورسن (اِصلاحِ اَعمال ڪورس،فيضانِ نماز ڪورس وغيره) ڪرڻ جي ترغيب ڏيارڻ، مَدَني قافِلن ۾ سفرڪرائڻ، انهن جي گھرن ۾ مَدَني حلقي جي ترڪيب ڪرڻ، انهن کي مدرسةُ المدينه براءِ بالغان ۾ شرڪت ڪرائڻ، انهن جي خوشي، غمي،بيماري ۽ فوتگي وغيره جي معامَلن ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ مشڪلات ۾ مڪتوبات ۽ تعويذاتِ عطّاريه جي ترڪيب ڪرڻ وغيره هن مجلس جي مقصدن ۾ شامل آهي۔ اللہ  ڪريم”مجلس اِزدِيادِ حُبّ“ کي مزيد ترقيون عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں        اے دعوتِ اِسلامی تِری دُھوم مچی ہو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

جھيڙن جھٽن کان ڇوٽڪارو ڪيئن حاصل ٿئي؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هينئر اسان جھيڙن جھٽن جي نُقصانن جي باري ۾ ٻڌو، اللہ  ڪري هنن کي ٻڌي انهن کان نفرت پيدا ٿي وڃي ۽ تَوبه جو ذهن بڻجي، پر سُوال هي آهي ته آخر اهي ڪهڙا ڪهڙا فعل آهن جنهن کي اِختيار ڪرڻ جي بَرَڪت سان اسان جھيڙن جھٽن کان نجات ماڻي سگھون ٿا۔ ته اچو! جھيڙن جھٽن کان پيڇو ڇڏائڻ جي لاءِ7طريقا پيشِ خدمت آهن، ٻڌو ۽ اِن تي عمل جي ڪوشش ڪريو:

(1) حڪيمُ الامّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: گھر ۾ داخِل ٿيڻ وَقت بِسْمِ الله الرَّحْمٰنِ الرَّحِيم پڙھي پهريان ساڄو قدم (Foot) دروازي ۾ داخِل