Jhagray Ke Nuqsanaat

Book Name:Jhagray Ke Nuqsanaat

جي صورت ۾ ٻين کي درسِ عبرت ڏيندو آهي ۔ اچو! هن باري ۾ هڪ سبق آموز حڪايت ٻڌو ۽ عبرت حاصل ڪريو،

زمين تي ناجائزقبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ واري انڌي ٿي وئي

 اَروٰي نالي هڪ عورت حضرت سيدُنا سعيد بن زيدرَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْه سان گھر جي ڪجھ حصي جي باري ۾ جھڳڙو ڪيو۔ پاڻ ارشاد فرمايائون: اها زمين انهيء کي ڏئي ڇڏيو، مون رسولُ اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اهو فرمائيندي ٻڌو آهي: مَنْ اَخَذَ شِبْرًا مِنَ الْاَرْضِ بِغَيرِ حَقِّه طُوِّقَه فِي سَبْعِ اَرَضِينَ يوْمَ الْقِيامَۃِ يعني جنهن شخص هڪ گرانٺ زمين به ناحق ورتي، قيامت جي ڏينهن ان جي ڳچيءَ ۾ ست (7) زمينن جو طوق وڌو ويندو۔ ان کان پوءِ اوهان دُعا فرمائي: يااللہ  عَزَّوَجَلَّ! جيڪڏهن اها ڪوڙي آهي ته ان کي انڌو (Blind) ڪري ڇڏ ۽ ان جي قبر انهيء گھر ۾ بڻائي ڇڏ۔ راوي چون ٿا: مون ڏٺو ته اها عورت انڌي ٿي چڪي هئي، ديوارن کي هٿ لڳائيندي هلندي هئي ۽ چوندي هئي: مون کي سعيد بن زيد رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰي عَنْه جي بددُعا لڳي آهي، آخر ڪار هڪ ڏينهن گھر ۾ هلندي اها کوھ ۾ ڪِري مري وئي ۽ اهوئي کوھ ان جي قبر بڻجي ويو۔ (مسلم،ڪتاب المساقاۃ،باب تحريم الظلم، ص۶۶۹،حديث:۴۱۳۲)

دنیا  میں  ہر آفت سے بچانا  مَولیٰ                                 عُقبٰے میں نہ کچھ رَنج دکھانا مَولیٰ

بیٹھوں جو دَرِ پاکِ پَیَمْبَر کے حُضور                                       اِیمان پر اُس وَقْت اُٹھانا مَولیٰ

مجلس”اِزدِيادِ حُبّ“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  ٻڌو اوهان! جھيڙو جھٽو ڪرڻ ڪيتري قدر تباھ ڪندڙ آهي جو ان ۾ مُبتَلا ٿي انسان دنيا جي اندر ئي عبرت جو سامان بڻجي ويندو آهي۔ قربان ٿجي! دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول تي جيڪا هن نازڪ دور ۾ به مسلمانن کي جھيڙن جھٽن کان پري رکڻ ۽ انهن کي مُتَّحِد رکڻ جي لاءِ هر وَقت ڪوشش ڪري رهي آهي۔ جنهن جي هڪ واضِح جھلڪ دعوتِ اسلامي جي تحت قائم ”مجلس اِزدِيادِ حُبّ“ به آهي۔ ”مَدَني انعام نمبر55 “ کي