Jhagray Ke Nuqsanaat

Book Name:Jhagray Ke Nuqsanaat

فيضانِ سُنّت“ ۾ شرڪت جي سعادت نصيب ٿي۔ ان کان بعد هو درس ۾ پابندي سان شرڪت ڪرڻ لڳو، ائين ”مدني درس“ جي برڪت سان ان پنهنجي اڳوڻي زندگي کان توبه ڪئي ۽ بُري صحبتن کان پيڇو ڇڏائي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي ويا۔

اگر سُنّتیں سیکھنے کا ہے جذبہ     تم آجاؤ دیگا سکھا مَدَنی ماحول

تَنَزُّل کے گہرے گڑھے میں تھے اُن کی         ترقّی کا باعث بنا مَدَنی ماحول

نبی کی محبّت میں رونے کا انداز       چلے آؤ سکھلائے گا مَدَنی ماحول

زمينن تي ناجائز قبضا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جھيڙن جھٽن جو هڪ سبب زمينن تي ناجائز قبضا به آهن۔ پنهنجي جمع ڪيل دولت خرچ ڪري ذاتي گھر جو خواب اکين ۾ سجائي ڪو شخص جڏهن زمين خريدڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي ته ان کي اهو فڪر سمهڻ ناهي ڏيندو ته قبضه گروپ کان پنهنجي زمين کي محفوظ ڪهڙي نموني رکيو وڃي؟ اِحتياطي تدبيرون اپنائڻ باوجود جيڪڏهن ان جي زمين تي قبضو ٿي وڃي ته منٿون ڪرڻ تي به خُوفِ خدا کان محروم قبضه خورن کي ان تي تَرس ناهي ايندو بلڪ انهيءَ جي زمين اُن کي واپس ڪرڻ جي لاءِ چڱي خاصي رقم طلب ڪئي ويندي آهي، جيڪڏهن هو مَظلوم شخص قبضو ڇڏائڻ جي لاءِ عدالت (Court) جو دَروازو کڙڪائي ته اهڙا اهڙا تاخيري حيلا اِختيار ڪري چڪر ڏنا ويندا آهن ۽ ڌڪا کارايا ويندا آهن جو زمين جو اصل مالڪ زمين ۾ وڃي سمهندو آهي پر ان کي زمين واپس ناهي ملندي۔ زمينن تي قبضو ڪرڻ وارن کي سُڌرڻ گھرجي ڇوته اڄ جنهن زمين تي ناجائز قبضو ڪري اهي خُوش ٿي رهيا آهن ۽ مظلوم جون بددعائون وٺي رهيا آهن سڀاڻي مرڻ کان بعد اها زمين ڳچي جو طُوق بڻجي رُسوائي جو سبب نه بڻجي وڃي۔ ڪڏهن ته دنيا ۾ ئي قبضه گروپن جو انجام قتل ۽ غارت ۽ قيد