Jhagray Ke Nuqsanaat

Book Name:Jhagray Ke Nuqsanaat

وارن تائين به نيڪي جي دعوت پهچائڻ جو هڪ مُفيد ترين ذريعو آهي۔ ٭

 مسجد جي علاوه چوڪ، بازار، دُڪان وغيره ۾ جيڪڏهن "مدني درس" ٿيندو ته ان جي برڪت سان دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول جي اتي به تشهير ۽ نيڪ نامي ٿيندي۔ ٭ مدني درس جي برڪت سان اميرِ اهلسنّت جي مختلف ڪتابن ۽ رسالن جو تعارف عام ٿيندو۔

دُعاءِ عطار: ياربِّ محمّد عَزَّ وَجَلَّ! جيڪو اسلامي ڀاءُ يا اسلامي ڀيڻ روزانو 2 درس ڏي يا ٻڌي ان کي ۽ مون کي بي حساب بخشي ڇڏ ۽ اسان کي اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پاڙي ۾ گڏ رک ۔

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

جو دے روز دو درسِ فیضانِ سنّت

میں دیتا ہوں اس کو دُعائے مدینہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

منقول آهي ته اللہ  عَزَّ وَجَلَّ حضرت سيدُنا مُوسيٰ ڪلِيمُ اللہ عَلٰى نَبِينَاوَعَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام ڏانهن وَحي فرمائي: اي مُوسيٰ! ڀلائي جون ڳالهيون پاڻ به سکو ۽ ٻين به کي سيکاريو، مان ڀلائي سکڻ سيکارڻ وارن جون قبرون روشن ڪندس ته جيئن انهن کي ڪنهن قسم جي وَحشت نه ٿئي۔ (حليۃ الاولياء،ڪعب الاحبار، ۶/۵ ،رقم:۷۶۲۲)

اچو! مدني درس جي هڪ ايمان افروز حڪايت ٻڌو ۽ خوش ٿيو۔ جيئن

بُري صحبتن کان نجات ملي وئي

مرڪزالاولياء (لاهور، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي ڪردار ۾ بُري صحبتن جي ڪري ايتري قدر بگاڙ پيدا ٿيو جو ان کي نه ننڍن تي شفقت جو ڪوئي احساس هو، نه ئي وڏن جي ادب ۽ احترام جو ڪوئي خيال، ڳالھ ڳالھ تي لڙائي جھيڙو ڪرڻ اُن جو معمول بڻجي چڪو هو ايستائين جو ان جي بُرين عادتن جي ڪري گھر وارا به تنگ اچي چڪا هئا۔ هڪ ڏينهن”درسِ