Jhagray Ke Nuqsanaat

Book Name:Jhagray Ke Nuqsanaat

ذميداري جي برڪت سان مسجد ڀريو ۽ مسجد بڻايو تحريڪ ۾ اسان جو حصو به شامل ٿي ويندو، هن ذميداري جي برڪت سان پاڻ به سُنّتن تي عمل ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻين تائين به پهچائڻ جو موقعو ملندو، جنهن کان جيترو وقت ٿي سگھي اسان کي پنهنجي تنظيمي ذميداري جي مطابق مدني ڪمن ۾ مصروف رهڻ گھرجي، 12 مدني ڪمن مان جنهن به مدني ڪم کي ڪرڻ جو اسان جذبو رکندا هجون، پنهنجي ذميدار سان رابطو ڪري مدني ڪمن جي ذريعي نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ شروع ڪريون، ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”مدني درس“ به آهي جيڪو عِلمِ دِين سکڻ سيکارڻ جو نهايت مؤثر ذريعو آهي۔ مدني دَرس مان مُراد هي آهي ته شَيخِ طَرِيقَت، اَمِيرِ اَھْلِسُنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي ڪجھ ڪتابن ۽ رسالن جي عِلاوه سندن باقي سڀني ڪتابن ۽ رسالن خاص ڪري فيضانِ سنّت جلد هڪ ۽ ان جي هنن عنوانن غيبت جون تباهه ڪاريون، نيڪي جي دعوت مان مَسْجِد / چوڪ / بازار / دُڪان / دفتر ۽ گھر وغيره ۾ دَرس ڏيڻ کي تنظيمي اِصطِلَاح ۾ مَدني دَرس چئبو آهي۔

٭ مدني درس نهايت ئي پيارو مدني ڪم آهي، ان جي برڪت سان مسجد جي حاضري جي هر هر سعادت حاصل ٿيندي آهي۔ ٭ مدني درس جي برڪت سان ڪثير مطالعي جو به موقعو ملندو آهي۔ ٭ مدني درس جي برڪت سان مسلمانن سان ملاقات ۽ ”سلام“ جي سُنّت عام ٿيندي آهي۔ ٭ مدني درس جي برڪت سان اميرِ اهلسنّت جي مختلف موضوعن تي مشتمل ڪتاب ۽ رسالن مان علمِ دِين سان مالامال قِيمتي مدني گل اُمّتِ مسلمه تائين پهچائي سگھجن ٿا۔٭ مدني درس، بي نمازين کي نمازي بنائڻ ۾ گھڻو معاون ۽ مددگار آهي۔٭ مدني درس جي برڪت سان مسجد جي حاضري سان محروم رهڻ