Jhagray Ke Nuqsanaat

Book Name:Jhagray Ke Nuqsanaat

ڪوڙڻ جي لاءِ اڳتي وڌي، مڙس کي پڪ ٿي ته واقعي اها عورت ان کي قتل ڪرڻ چاهي ٿي هڪدم بيهي رهيو ۽ استرو کسي عورت کي ماري وڌو۔ عورت جي مٽن مائٽن کي معلوم ٿيو ته اهي ڊوڙندي آيا ۽ ان شخص کي قتل ڪري ڇڏيو۔ پوءِ ٻنهن جي مائٽن عزيزن ۾ جھيڙو ٿيو ۽ هڪ سو (Hundred) جي قريب ماڻهو مارجي ويا۔ (احياء العلوم ،ڪتاب آفات اللسان، ۳/۱۹۵ )

 

حسد، وعدہ خلافی، جُھوٹ،چُغلی، غیبت و تُہمت      مجھے اِن سب گناہوں سے ہو نفرت یارسولَ اللہ

      هن واقعي مان خبر پئي ته چغلخوري تمام وڏي بيماري آهي. چغلخوري گهر جي چين ۽ آرام کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندي آهي وغيره..

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني درس “

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته چُغلي اها هلاڪت خيز عادت آهي جنهن جي نتيجي ۾ شڪ شُبها، رنجشون، قتل ۽ غارت گري ۽ خاندانن ۾ جھيڙي جا دروازا کلي ويندا آهن۔ تنهنڪري جھيڙن جھٽن ۽ انهن ڏانهن وٺي ويندڙ اسبابن کان پاڻ به بچو، پنهنجي گھر وارن ۽ دوستن کي به بچڻ جي ترغيب ڏياريو۔ جھيڙن جھٽن ۽ انهن جي سببن کان پيڇو ڇڏائڻ، چغُلخوري جي آفت کان نجات ماڻڻ ۽ مسلمانن ۾ صلح صفائي جو ذهن ٺاهڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو۔ هر اسلامي ڀائر تي ڪا نه ڪا تنظيمي ذميداري هئڻ گھرجي، هن ذميداري جي برڪت سان نماز پنجگانه جي ادائيگي جي سعادت نصيب ٿيندي، هن ذِميداري جي برڪت سان خوب خوب نيڪيون ڪرڻ جو موقعو ملندو، هن ذِميداري جي برڪت سان علمِ دِين سکڻ سيکارڻ جو موقعو ملندو، هن هن ذميداري جي برڪت سان مدني اِنعامات تي عمل ۽ مدني قافلن ۾ سفر جي سعادت ملندي رهندي، هن ذميداري جي برڪت سان چڱي صُحبت نصيب ٿيندي، هن ذميداري جي برڪت سان نفرتن جي ديوار ختم ٿي امن ۽ محبت جي فضا قائم ٿيندي، هن