Book Name:Jhagray Ke Nuqsanaat
جي صُورت نڪتي ۽ ديني معلومات رکڻ وارو ڪو حسّاس انسان جيڪڏهن ان گفتگو جي تَفتيش ڪري ته شايد اڪثر مجلسن ۾ ٻين گناهن ڀرين لفظن سان گڏوگڏ اهي کوڙ چُغليون به ثابِت ڪري ڇڏي۔ اچو! هاڻي پنهنجي دل سنڀالي چُغلخوري جي هلاڪتن تي مشتمل هڪ عبرت ناڪ حڪايت ٻڌو ۽ چُغلخوري کان بچڻ جي نِيت ڪريو، جيئن ته
دعوتِ
اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبةُ المدينه جي رِسالي ”
گناهوں
ڪي نحوست“
جي صَفحي
نمبر 71 تي آهي: هڪ شخص ڪنهن وٽ پنهنجو هڪ غُلام وڪرو ڪيو ۽ خريدار کي چئي ڇڏيائين
ته هن غُلام ۾ ٻيو ڪوئي عَيب ناهي، البت! چُغل خوري جي عادت آهي۔ خريدار ان کي معمولي
عيب سمجھندي ان کي خريد ڪري ورتو، اهو غلُام ان شخص جي خدمت ۾ رهڻ لڳو۔ هڪ ڏينهن
اهو ئي غلام پنهنجي آقا جي گھرواريءَ وٽ ويو ۽ چيائين: اي بيگم صاحبه! مون کي
افسوس آهي ته اوهان جي مڙس کي اوهان سان ٿوري به مَحبّت ناهي۔ هاڻي ان جو اِرادو
آهي ته ڪا ٻانهيءَ خريد ڪري ان سان عيش ڪري ۽ اوهان کي بلڪل ڇڏي ڏي، جيڪڏهن اوهان
جي خواهش هجي ته مان اوهان کي اهڙي ترڪيب ٻڌايان جنهن سان ان جي دِل اوهان ڏانهن
مائل ٿي وڃي ۽ اوهان سان مَحبَّت ڪرڻ لڳي۔ زال پڇيو: اها ڪهڙي ترڪيب آهي؟ غلُام چيو:
اڄ رات جڏهن اوهان جو مڙس سمهي رهي ته اُسترو کڻي ان جي ڳچي وٽان ان جي ڏاڙھي جا
ڪجھ وار ڪوڙي وٺجان ۽ انهن وارن کي پاڻ وٽ رکجان پوءِ مان ترڪيب ٻڌائيندس۔ ان کان
بعد غُلام پنهنجي آقا وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو: سائين! مون اڄ بي بي کي هڪ غير شخص سان
ملندي ڏٺو آهي ۽ اها اوهان کي قتل ڪرڻ جي فِڪر ۾ آهي۔ جيڪڏهن اوهان منهنجي قَول جي
تصديق چاهيو ٿا ته اڄ رات جو اکيون بند ڪري ليٽي پئجو ۽ پاڻ کي ستل وانگر رکجو۔
غُلام جي ڳالھ سان ان جي دل ۾ شڪ پيدا ٿي ويو۔ رات جو ان ائين ئي ڪيو۔ عورت سمجھي
ته ستل آهي اُسترو کڻي ڏاڙھي جا وار