Jhagray Ke Nuqsanaat

Book Name:Jhagray Ke Nuqsanaat

اچو! اسان سڀ نِيت ڪريون ٿا ته جھيڙو جھٽو نه ڪنداسين، تڪرار ڪندڙ وڙهندڙ مسلمانن ۾ صُلح ڪرائڻ جي سُنّت تي عمل جي ڪوشش ڪنداسين، جيڪڏهن ڪوئي اسان کي ڪاوڙ ڏياريندو ته صبر ڪنداسين، جھيڙي جھٽي جي باھ ڀڙڪائڻ وارن ڪمن مثال طور ڪوڙ، غيبت، چُغلي، حسد، تڪبر، وعده خلافي، اجايو ضد، ڪنجوسي، بي عزتي، بيحسي، رڙيون ڪرڻ، گار گند، ٽوڪڻ، تَعَصُّب ۽ ظُلم ڪرڻ کان بچنداسين، جيڪڏهن ڪو اسان کي وڙهڻ تي اُڀاريندو ته به اسان پنهنجو پاڻ کي لڙائي کان پري رکي شيطان کي ناڪام ۽ نامراد ڪنداسين ۽ اها مدني سُوچ ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهنداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

 

تم کو کچھ معلوم ہے یارو! مجھے         دعوتِ اسلامی سے کیوں پیار ہے

ہے کرم اِس پر خدائے پاک کا          دعوتِ اسلامی سے یُوں پیار ہے

اِس پہ ہے نظرِ کرم سرکار کی       دعوتِ اسلامی سے یُوں پیار ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

جھيڙي جو هڪ سبب چغلي به آهي

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! لڙائي جھڳڙو خودبخود ناهي ٿيندو بلڪ ان جو ڪو نه ڪو سبب ضرور هوندو آهي، جڏهن اهو سبب پايو ويندو آهي ته لڙائي جھيڙو شروع ٿي ويندو آهي۔ جھيڙي جھٽي جو هڪ سبب چغلخوري به آهي۔ ياد رکو! ڪنهن جي ڳالھ ٻي ماڻهو تائين فساد ڦهلائڻ جي لاءِ بيان ڪرڻ چغلي آهي۔ (عمدۃ القاري ، ڪتاب الوضوء،باب من الڪبائر الخ،۲/۵۹۴،تحت الحديث:۲۱۶)

افسوس صد ڪروڙ افسوس! دوستن جي محفل هجي يا مذهبي اجتماع کان بعد جي ڪچهري، شادي جي تقريب هجي يا تعزِيت جي نشست، ڪنهن سان مُلاقات هجي يا فون تي ڳالھ، ڪجھ منٽ به جيڪڏهن ڪنهن سان گفتگو