Book Name:Jhagray Ke Nuqsanaat
(Eye) نڪري پوندي آهي، ڪنهن جي ٻانهن ٽٽندي آهي ته ڪنهن جي پير ۾ چوٽ لڳندي آهي، ڪنهن جي جوڙن ۾ جھٽڪو لڳندو آهي ته ڪنهن جا ڏند ڀڄي پوندا آهن، ڪنهن جو رِشتيدار يا دوست پنهنجي زندگي جي بازي هاري ويهندو آهي ته ڪو پاڻ ئي موت جو شڪار ٿي ويندو آهي۔ ياد رهي!جھيڙي جھٽي جا جتي ڪيئي دنياوي نُقصان آهن اتي دِيني اِعتبار سان به اهي ڪيئي محرومين جو سبب بڻجندا آهن، مثال طور شبِ قدر اها عظيمُ الشَّان رات آهي جنهن جي اَهمِّيت مسلمان جو ٻچو ٻچو سمجھي ٿو، ان رات ۾ قُرآنِ ڪريم لاٿو ويو، اها رات هزار (1000) مهينن کان افضل آهي، ان رات جي فضيلت ۾ قرآنِ ڪريم جي سيپاري 30 ۾ هڪ سُورت به موجود آهي پر ان بابَرَڪت رات جي تَعين به ٻن مسلمانن جي جھيڙي سبب پوشيده رکي وئي آهي جيئن ته
شبِ قدر کي پوشيده رکڻ جي وجه
حضرت سيدنا عُباده بن صامِت رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰي عَنْه فرمائن ٿا ته نبي ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کي شبِ قدر ٻڌائڻ جي لاءِ تشريف فرما ٿيا ته ٻه مسلمان پاڻ ۾ جهيڙو ڪري رهيا هئا۔ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايائون: مان ان لاءِ آيو هئس ته توهان کي شبِ قدر ٻُڌايان پر فلاڻا فلاڻا شخص جهيڙو ڪري رهيا هئا ان ڪري ان جو تَعَيُّن کنيو ويو ۽ ممڪن آهي اهو کنيو وڃڻ توهان جي لاءِ بهترئي هجي۔ هاڻي ان کي (رمضان المبارڪ جي) آخري نائين، ستين، پنجين (رات) ۾ ڳوليو۔ (بخاري ،ڪتاب فضل ليلۃالقدر،باب رفع معرفۃليلۃالقدر۔۔۔الخ ، ۱/۶۶۲حديث:۲۰۲۳)
حڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن حديثِ پاڪ تحت لکن ٿا: ان جھيڙو ڪرڻ وارن جو جھيڙو ناحق به هو ۽ اِعتدال کان به وڌيڪ جنهن جو اثر اهو ٿيو، ۽ اهو معلوم ٿيو ته دنياوي جھيڙا مَنحوس آهن انهن جو وبال تمام ئي گھڻو آهي انهن جي ڪري اللہ پاڪ جي ايندڙ رحمتون رُڪجي وينديون آهن۔ (مرآۃ المناجيح،۳/ ۲۱۰ملخصاً)