Book Name:Jhagray Ke Nuqsanaat
حضرت سَيدُنا جابِر رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰي عَنْه کان روايت آهي ته رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عبرت نشان آهي: شيطان پنهنجو تخت پاڻي تي وڇائيندو آهي، پوءِ پنهنجو لشڪر موڪليندو آهي، انهن لشڪرن ۾ اِبليس جي تمام ويجھو ان جو دَرَجو هوندو آهي جيڪو سڀ کان وڌيڪ فتني باز هوندو آهي۔ انهن مان هڪ اچي چوندو آهي: مون هيئن هيئن ڪيو آهي ته شيطان چوندو آهي: تو ڪجھ به ناهي ڪيو۔ پوءِ انهن مان ٻيو اچي چوندو آهي: مون فُلاڻي شخص کي ان وَقت تائين نه ڇڏيو جيستائين ان جي ۽ ان جي زال جي وچ ۾ جُدائي نه وڌي۔ اهو ٻڌي اِبليس ان کي پنهنجي قريب ڪندو آهي ۽ چوندو آهي: تون تمام سٺو آهين۔ حضرت سَيدُنا امام اَعمَش رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: منهنجو خيال آهي ته فرمايائون: ان کي ڳلي سان لائيندو آهي۔ (مُسلِم ،ڪتاب الصفۃ القيامۃ والجنۃ النار ،باب تحريش الشيطان وبعث سراياه الفتنۃ الناس۔۔۔الخ ص ۱۱۵۸حديث:۷۱۰۶)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته زال مڙس ۾ جُدائي ڪرائڻ جو عمل شيطان کي گھڻو خوش ڪندو آهي۔اللہ پاڪ اسان جي حالن تي رحم فرمائي ۽ اسان کي جھيڙو جھٽو ڪرڻ، ڪرائڻ کان محفوظ فرمائي۔ زال مڙس، سسُ ننهن وغيره جي وچ ۾ ٿيڻ وارن معامَلن کي چڱي طريقي سان حل ڪرڻ جي لاءِ شيخِ طريقت،اميرِ اهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي هنن 3 رسالن ”رنجشن جو علاج“، ”گھر امن جو گهوارو ڪيئن ٿئي؟ “ ۽ ”سس ننهن ۾ صُلح جو راز‘‘ جو ضرور مطالَعو ڪريو، گھر امن جو گهوارو بنائڻ ۾ ڪافي مدد حاصل ٿيندي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جھيڙي جھٽي نُقصانن مان هڪ نقصان هي به آهي ته ان جي نحوست انسان کي کوڙ نعمتن کان محروم ڪرائيندي آهي۔ مثال طورجھيڙي جھٽي دَوران ڪنهن جو مٿو ڦاٽي پوندو آهي ته ڪنهن جي اک